وارهه: مين بازار ۾ جنرل اسٽور تان ڦر،فائرنگ سبب ڏهڪاءُ، اڌ شهر بند

وارھہ شھر جي مشھور ايس ايس ڊي جنرل اسٽور تان نامعلوم هٿياربند هٿيارن جي زور تي دڪاندار اجيت کي يرغمال بڻائي کانئس لکين روپيا روڪ رقم ، 30 کان وڌيڪ موبائيل فون ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فائرنگ ڪرڻ بعد  فرار ٿي ويا ، سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڦورو سري عام ڦر ڪري فائرنگ ڪندا فرار ٿي رهيا آھن، شھر اندر ڏوهن ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ سبب  شھر اندر خوف ۽ هراس وارو ماحول ڇانئجي ويو، فائرنگ سبب خوف ۾  اڌ کان وڌيڪ شھر بند ٿي ويو ، ان سلسلي ۾ متاثر دڪاندار اجيت ڪمار ٻڌايو ته هو معمول موجب دڪان تي ويٺل هيو ته نامعلوم 3 هٿياربندن هٿيارن جي زور تي کيس يرغمال بڻائي ڦر ڪئي،

هن گهر ڪئي ته ڏوهاري گرفتار ڪري کيس ڦر ٿيل رقم ۽ سامان واپس ڪرائي ڏنو وڃي هوڏانهن اسٽور مالڪ وٽ همدردي طور ايم پي اي برهان خان چانڊيو پهچي تفصيل ورتا، ان موقعي تي هن چيو ته ديوان برادري سان هر موڙ تي گڏ آھيان پوليس کي 3 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏيون ٿا فورن جوابدار گرفتار نه ٿيا ته حڪمت عملي جوڙبي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.