ميرپور ماٿيلو: عوامي آواز ٽي وي بيمار نياڻيءَ جو آواز بڻجي وئي

عوامي آواز TV تي خبر نشر ٿيڻ تي نوٽيس وٺندي گردن جي تڪليف ۾ مبتلا ناري کي اسپتال داخل ڪرايو ويو ، ڊي ايڇ او گھوٽڪي پاران ڊاڪٽرن جي ٽيم ساڻ ڪري گُردن جي تڪليف ۾ مبتلا مسڪين نياڻي ڪويتا مينگھواڙ جو علاج ڪرائڻ لاءِ ايمبولينس تي کڻائي ٽيم سان گڏ گمبٽ پھچايو ، ميرپورماٿيلو جي ڳوٺ ولي محمد ڪورائي جي رھواسي مھربان مينگھواڙ جي 18 ورھين جي نياڻي ڪويتا مينگھواڙ 4 سالن کان گُردن جي بيماري ۾ مبتلا ھئڻ جي خبر عوامي آواز TV تي نشر ٿيڻ جو ڊي ايڇ او گھوٽڪي ڊاڪٽر عبدالرزاق مرڻاس نوٽيس ورتو، اڄ صبح جو ڊاڪٽر اعجاز پتافي سميت ٻين ڊاڪٽرن جي ٽيم ساڻ ڪري نياڻي ڪويتا جي گھر پھتو،جتي ھن نياڻي کي کڻائي علاج ۽ گُردن جي ٽرانسپلانٽ لاء کيس گمبٽ اسپتال داخل ڪرايو،جتي ھن اسپتال جي ڊائريڪٽر ۽ ماھرن سان مشوري بعد سندس علاج شروع ڪيو ويو ان موقعي تي ڊي ايڇ او گھوٽڪي ڊاڪٽر عبدالرزاق مرڻاس، نياڻي ڪويتا ۽ سندس والد عوامي آواز TV جا ٿورا مڃيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.