ٽنڊو آدم: گهر ۾اتفاقي طور گولي لڳڻ سبب 15 ورهين جي ناري فوت

ٽنڊوآدم ڀرسان ڳوٺ محمد خان جسڪاڻي ۾ گهر اندر اتفاقي طور گولي لڳڻ ڪري 15 ورهين جي ناري بينظير جسڪاڻي سخت زخمي ٿي پئي جنهن کي وارث تعلقي اسپتال کڻائي آيا جتي هوءَ طبي امداد ملڻ کان اڳ ۾ ئي فوت ٿي ويئي، اطلاع ملڻ تي بي سيڪشن پوليس لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ مارچري منتقل ڪيو ، ناريءَ جي ڀاءُ پوليس کي ٻڌايو ته  بستري ۾ پيل بندوق کڻڻ مهل گولي هلي ويئي جيڪا سندس ڀيڻ جي سيني ۾ لڳي جنهن سبب هوءَ زخمي ٿي پئي، اسان کيس اسپتال کڻائي آياسين جتي هوءَ فوت ٿي ويئي ، ايس ايڇ او ٻڌايو ته مائٽن اتفاقي طور گولي لڳڻ جو ٻڌايو آهي وڌيڪ پوسٽ مارٽم جي رپوٽ اچڻ بعد اسان جاچ ڪنداسين

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.