ڪوٽڙي:خدا جي بستي ۾ اڻ ڄاتل ھٿياربندن جي فائرنگ،جوهي واسي نوجوان قتل

ڪوٽڙي جي خدا جي بستي واري علائقي ۾ اڻ ڄاتل ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ 22 سالن جو جوهي واسي نوجوان عمران علي لنڊ مارجي ويو ، نوجوان جي لاش کي پوليس پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڪوٽڙي اسپتال منتقل ڪيو. اسپتال ۾ موجود مقتول نوجوان جي وارثن  ٻڌايو ته اسان جو نوجوان جوهي جو رھواسي آھي ۽ ڪراچي ۾ مزدوري ڪندڙ ھو جنهن کي ذاتي دشمني جي بنياد تي دوکو ڏئي فون تي گھرائي بعد ۾ گوليون ھڻي قتل ڪري لاش ڦٽو ڪيو ويو. ڪوٽڙي پوليس موجب لاش خدا جي بستي جي مين روڊ تان لاوارث حالت ۾ مليو آهي جنهن جو پوسٽ مارٽم ڪرايو پيو وڃي، وارثن جي بيانن جي آڌار تي معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.