سکر: فاريسٽ کاتي سانگھڙ ۾ ڪرپشن ريفرنس تي جوابدارن تي فرد جرم لاڳو

سکر جي احتساب عدالت  فاريسٽ کاتي سانگھڙ ۾ 8 ڪروڙ 77 لک 39 ھزار رپين جي ڪرپشن ريفرنس تي جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو ،احتساب عدالت جي جج فريد انور قاضي سانگھڙ جي ٻيلي کاتي جي ٽن ڊي ايف اوز ۽ چئن آر ايف اوز سميت  26 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو ، جوابدارن ۾ گل محمد جوڻيجو ، ذوالفقار ميمڻ ، رضا محمد شاھ ، غلام مصطفي ، دين محمد ، حسن مھر سميت ٻيا شامل آهن ،  جوابدارن پاران عدالت ۾ ڏوھ مڃڻ کان انڪار ڪيو ويو ، احتساب عدالت ريفرنس ڪيس جي شاھدن ۽  ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ايندڙ ٻڌڻي جي تاريخ 5 مئي تائين مقرر ڪري ڇڏي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.