ڏهرڪي:زمين جي مالڪي تان ڏهر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو،7 ڄڻا زخمي

ڏهرڪي ويجھو ڳوٺ غلام علي ڏھر ۾ زمين جي مالڪي تان ڏهر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو. جھيڙي ۾ لٺين ڪهاڙين جو آزاداڻا استعمال ٿيڻ سبب ٻنھي ڌرين جا 7 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ عبدالحق ڏھر، شاھنواز ڏھر، محمد حسين ڏھر، عبدالستار ڏھر، عبدالغفار ڏھر، نديم ڏھر ۽ رفيق احمد ڏھر شامل آھن جن کي ڏھرڪي جي سرڪاري اسپتال آندو ويو. زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ھئڻ سبب کيس رحيميارخان منتقل ڪيو ويو. ڏھرڪي پوليس اھڙي جھيڙي جي ابتدائي رپورٽ درج ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.