گيلاني سينيٽ چونڊن بابت عدالتي فيصلي تي انٽراڪورٽ اپيل داخل ڪرائي ڇڏي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ يوسف رضا گيلاني سينيٽ چونڊن بابت عدالتي فيصلي تي انٽراڪورٽ اپيل داخل ڪرائي ڇڏي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله پ پ اڳواڻ يوسف رضا گيلاني جي درخواست رد ڪري ڇڏي هئي، جنهن تي اپوزيشن ليڊر سنگل بئنچ جي فيصلي خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ انٽرا ڪورٽ اپيل داخل ڪرائي آهي.

هن فاروق ايڇ نائيڪ، جاويد اقبال وينس ۽ بئريسٽر عمر شيخ ذريعي داخل اپيل ۾ سنگل بئنچ جو عدالتي فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ جي اپيل ڪئي آهي.

يوسف رضا گيلاني موقف اختيار ڪيو آهي ته سينيٽ چيئرمين جي چونڊن ۾ 7 ووٽ رد ڪرڻ تي پريزائيڊنگ آفيسر جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.