اسان ڪراچي جي ڪمشنر کي هٽائي رهيا آهيون: چيف جسٽس گلزار احمد

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ حددخلين بابت ڪيس ۾ سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسان ڪمشنر ڪراچي کي هٽائي رهيا آهيون.

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ شهر ۾ حددخلين جي خاتمي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ڪمشنر ڪراچي ۽ ٻيون اعليٰ اختياريون پيش ٿيون.

عدالت حددخلين بابت ڪمشنر جي رپورٽ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته توهان سمجهي رهيا آهيو اسان ڊپٽي ڪمشنر جي رپورٽ تي ڪم ڪنداسين، هيءَ ڪهڙي رپورٽ آهي، هر جاءِ تي لکيل آهي رپورٽ جو انتظار آهي، چيف سيڪريٽري صاحب اهڙا آفيسر فارغ ڪيو.

هال پارڪ متاثرن جي وڪيل بئريسٽر صلاح الدين چيو ته اسان جنهن کان گهر خريد ڪيو، معاوضو ته ڏياريو وڃي، 25 سالن کان اسان جا گهر ٺهيل آهن ۽ نقشا سنڌ حڪومت پاس ڪيا، جنهن تي عدالت چيو ٻار ته ناهيو، جڏهن گهر خريد ڪندا آهيو ته سڀ خبر هوندي آهي.

عدالت ڪڊني هال پارڪ جي متاثرن کي مهلت ڏيڻ جي اپيل رد ڪري ڇڏي.

ان موقعي تي سپريم ڪورٽ ۾ واءِ ايم سي گرائونڊ بابت رپورٽ پيش ڪئي وئي ۽ ڪمشنر عدالت کي ٻڌايو ته واءِ ايم سي گرائونڊ ۾ سمورو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ رڳو لائٽون لڳڻ باقي آهي.

ڪمشنر شاهراهه فيصل ۽ شاهراهه قائدين بابت رپورٽ پڻ عدالت ۾ پيش ڪئي، جنهن تي عدالت ايس بي سي اي جي رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار ڪيو.

عدالت ڊي جي ايس بي سي اي کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان ڄاڻو ٿا ايس بي سي اي بلڊرن جي ايجنٽ آهي، ايڏيون وڏيون عمارتون ٺهي وينديون آهن توهان ڪٿي هوندا آهيو، سڀاڻي ڪير چيف منسٽر هائوس جو اجازت نامو ڏيکاري ڇڏي، توهان ٺاهڻ ڏيندئو؟

چيف جسٽس ڪراچي جي ڪمشنر تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڪراچي جي ڪا خبر ناهي، اهي رڳو رٻڙ اسٽيمپ آهن، ڪمشنر ڪراچي، ڊي جي ايس بي سي اي کي خبر ناهي ته پوءِ ڪيترا نيب ڪيس ٺهندا، اسان لاءِ ڏکيائيون پيدا ڪري رهيا آهيو ته ماڻهن لاءِ ڪيڏيون ڏکيائيون پيدا ڪندا هوندئو، اسان وڏي وزير کان رپورٽ گهري هئي، هن چئي ڇڏيو سڀ سٺو آهي، اسان ڪراچي جي ڪمشنر کي هٽائي رهيا آهيون، وڏي معذرت توهان جي باري ۾ ائين چيو پر اسان جي سامهون اهڙيون رپورٽون آهن ڇا ڪيون.

عدالت چيو ته ايس بي سي اي هلائڻ وارو هر مهيني کربين رپيا ٺاهي رهيو آهي، سب رجسٽرار آفيس ايس بي سي اي ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ٿي رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.