پيرڳوٺ لڳ بااثرن جو نوجوان مٿان تشدد، احتجاج

پيرجوڳوٺ (ن ع آ)پيرڳوٺ لڳ صدرجي ڀٽيون ڀرسان شهر کان ڳوٺ ويندڙ نوجوان سرفراز ملاح کي بااثر جوابدارن يرغمال بڻائي بٽ ۽ ڏنڊا هڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو جنهن کي بيھوشي واري حالت ۾ پيرڳوٺ اسپتال منتقل ڪيو ويو. ان ڏس ۾ نوجوان جي وارثن امجد ملاح، شهمير ملاح، مشتاق ملاح، محمد سومر، اعجاز ملاح ۽ ٻين سخت احتجاج ڪندي چيو ته بااثر ڪليم ڪانهر، اياز ڪانهر ۽ ٻين اسان جي نوجوان کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي مزاحمت ڪرڻ تي سخت تشدد جو نشانو بڻايو جنهنڪري هن جي حالت خراب آهي. هنن چيو ته عبدالرحمٰن انڙ ٿاڻي تي اهڙي واقعي جي رپورٽ پڻ داخل ڪرائي پر پوليس جوابدارن خلاف ڪنهن به قسم جي ڪارروائي نه ڪئي آهي. هنن ايس ايس پي خيرپور کان گھر ڪئي ته حملي آور جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.