پکو پوليس جي ڪارروائي، قتل ڪيس جا 3 جوابدار گرفتار

پکو ( رپورٽ : عبدالوحيد ميئو ) پکو پوليس ڪاروائي ڪندي قتل ڪيس ۾ گھربل ٽي اشتھاري ڏوھاري گرفتار ڪري ورتا آھن ان ڏس ۾ پکو پوليس گجھي اطلاع تي علائقي جي ناڪابندي ڪندي گھربل جوابدارن ھر ھڪ شبير پُٽ محمد خان مغيري , عبدالقادر پُٽ رمضان مغيري ۽ نثار علي پُٽ محمد عرس مغيري کي فرار ٿيندي گرفتار ڪري ورتو آھي جڏھن ته گرفتار جوابدارن کي سخت پھري ھيٺ قمبر جيل منتقل ڪيو ويو آھي ان حوالي سان پکو ٿاڻي جي ايس ايڇ او سڪندر چنه ٻڌايو ته ھڪ مھينو اڳ ڳوٺ عباس مغيري ۾ قتل ٿيل نوجوان ارباب علي مغيري جي قتل ڪيس ۾ گھربل اشتھاري جوابدار پکو ٿاڻي جي حدن مان فرار ٿي رھيا ھئا ته ڳجھي اطلاع ملڻ تي علائقي جي ناڪابندي ڪري کين گرفتار ڪري ورتو آھي جن کي وڌيڪ جاچ لاءّ قمبر جيل منتقل ڪري ڇڏيو آھي.

جڏھن ته قتل ڪيس ۾ اڃا ٽي جوابدار گھربل آھن جن جي گرفتاري لاء پڻ حڪمت عملي جوڙي پئي وڃي جيئن واقعي ۾ ملوث  سڀ جوابدارن کي گرفتار ڪري متاثر ڌر سان انصاف ڪيو وڃي , ھوڏانھن مقتول نوجوان ارباب مغيري جي ڀاءُ انور علي جو چوڻ آھي ته ھڪ مھينو اڳ اسان جو نوجوان ڀاءُ عصر وقت سبزي کڻي قمبر وڃي رھيو ھو ته گرفتار جوابدارن ڳوٺ ٻاھران تاڙ ۾ بيھي کيس گوليون ھڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا ھئا جن مان پوليس ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪيو آھي باقي 3 جوابدار اڃا روپوش آھن اسان جو ايس ايس پي قمبر کان مطالبو آھي ته قتل ڪيس ۾ نامزد ٿيل سڀ جوابدار گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي , ياد رھي ته مغيري برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻو سڱاوتي تڪرار ھلندڙ ھو جنھن ۾ ڪجھ سال اڳ مقتول نوجوان جو سئوٽ پڻ قتل ٿي ويو ھو جنھن جو راڄوڻي نبيرو ٿيڻ باوجود نوجوان ارباب علي مغيري کي قتل ڪيو ويو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.