سيوهڻ ۾ چوپائي مال ۾ ٽيريا بيماري پکيڙجي وئي، 40 ٻڪريون مري ويون

سيوھڻ (ن ع آ)سيوھڻ ويجھو يوسي جھانگارا جي ٽن ڳوٺن ڪائي، نگاول ۽ نيئنگ شريف ۾ لائيو اسٽاڪ کاتي جي نااهلي سبب مويشي ۾ ٽيريا وبا پکڙجي وئي آھي، جنھن ڪري ان وبا ۾ 40 کان وڌيڪ ٻڪريون مري ويون آھن. ان سلسلي مختيار نوحاڻي، غلام رسول، امداد علي، علي شير نوحاڻي ۽ ٻين ڳوٺاڻن صحافين کي ٻڌايو ته اسان جي ڄاڻايل ڳوٺن ۾ مال ٻڪرين دستن جي ٽيريا بيماري پکڙجي وئي آهي ۽ اسان جون 40 کان مٿي ٻڪريون مري ويون آھن ۽ اھا وبا وڌندڙ آھي ۽ وڏي نقصان ٿيڻ جو انديشو آهي. ھنن چيو ته گذريل سال جھانگارا اسپتال ۾ ڊاڪٽر ايندو ھئو ۽ اسپتال عملو به موجود ھوندو ھئو پر ھاڻ صورتحال ان جي ابتڙ آھي ۽ لائيو اسٽاڪ جو ڊاڪٽر ۽ عملو گم ٿي ويو آهي جڏھن ته ھو لکين روپين جي دوائن جا گھر ويٺي پئسا ھڙپ ڪري رھيا آھن ۽ پگھارون به کڻي رھيا آھن. ھنن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کان مطالبو ڪيو ته لائيو اسٽاڪ جي عملدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪري ڊاڪٽرن جي ٽيمون اسان جي ڳوٺن ڏي روانيون ڪرڻ جون ھدايتون جاري ڪيون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.