خانواهڻ ۾ حددخليون ڄاڻائي غريبن جا اجها ڊاهي پٽ

خانواهڻ ( ن ع آ ) پاڻي جي وھڪرن تي حددخليون ڄاڻائي مسڪينن جا اجھا ۽ اتي ٺاھيل دڪانن مانڊڻين ۽ ڇپرن کي ڊاھڻ جو سلسلو نه رڪيو، ان سلسلي ۾ خانواهڻ مائينر جي ٻنھي ڪپرن جي ڀرسان خانواهڻ موري، مڏ ڪونڌر، عباس ڪونڌر ۽ ڳوٺ محمد آچر ڪلھوڙو وٽ ڳري مشينري وسيلي آپريشن ڪيو ويو ۽ ڪيترائي گھر دڪان مانڊڻيون ۽ ڇپرا ڊاھي پٽ ڪيا ويا، متاثر  ميڊيا کي ٻڌايو  ته حڪومت متبادل پلاٽ ۽ ڊاھيل گھرن جو اجورو ڏيڻ لاءِ ٺلھا اعلان ڪري رھي آھي، پر عملي قدم نه پيا کنيا وڃن، جنهن سبب سخت ذھني عذاب ۾ مبتلا آھيون، ٻئي پاسي آبپاشي عملدار ارباب علي مڱريو ٻڌايو ته آپريشن ۾ ڪو به فرق ناهي، جتي به حددخليون هونديون ڊاٿيون وينديون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.