گولاڙچي ڀرسان تيل ڪمپني جي ٺيڪيدار جو ڏاڍ، متاثر جو احتجاج

گولاڙچي (ن ع آ)گولاڙچي تعلقي ۾ تيل ڪڍندڙ ڪمپني جي (کوھه) ڀٽي ويل نمبر 2 جي زميندار گل حسن چانگ دانهيندي چيو ته منهنجي سروي زمين جيڪا ديهھ ڪنڊياري جي بلاڪ نمبر 117۾ آهي، جتان يو اي پي ڪمپني طرفان تيل ۽ گيس ڪڍيو ويندو هو، گذريل ڏينهن ڪمپني پاران سامان پٽي کڻي وڃي رهيا هئا ته مون کين زمين جي معاوضي جي ڳالهھ ڪئي ته اتي موجود يو اي پي ڪمپني جي آفيسر ساجد حسين فون ڪري مقامي ٺيڪيدار بابوعرف احمد راھو کي ٻڌايو ته گل حسن چانگ معاوضو گھري ٿو، جنھن تي انھن ڪم بند ڪري ڇڏيو، ڪجھه دير کانپوءِ بابو احمد راھو جو منشي محمد صديق گجر پوليس موبائلن سان پھچي مون کي زبردستي پوليس موبائل۾ ويھاري يرغمال ڪري سمورو سامان ڪڍي کڻي ويا. گل حسن چانگ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته يو اي پي ڪمپني جي آفيسرن توڙي بااثر ٺيڪيدار جي منشي مون کي پنهنجي ذاتي سروي زمين جي معاوضي ڏيڻ بدران موت مار ڌمڪيون ڏنيون آھن،ھن چيو ته ٽن ڪلاڪن کانپوءِ ڳوٺاڻن جي وچ ۾اچڻ تي مون کي ڇڏيو ويو، ٽن ڪلاڪن تائين تيل گيس ڪمپني جي آفيسرن۽ پوليس وٽ مبينه يرغمال بڻيل گل حسن چانگ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بابو احمد راھو زراعت جي صوبائي وزير محمد اسماعيل راھو جو سئوٽ آھي، جيڪو ھتان جي ڪمپني۾ ٺيڪيدار طور ڪم ڪري رهيو آهي، جيڪو مقامي ماڻهن کي ڌمڪيون ڏئي ملندڙ معاوضي جي رقم ھڙپ ڪريو وڃي، يا وري کين ڪيسن ۾ ڦاسائي ٿو ڇڏي، گل حسن چانگ چيو ته کيس سندس سروي زمين جو معاوضو ڏياريو وڃي، بااثر ٺيڪيدار خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻئي صورت۾ ڪورٽ جو در کڙڪايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.