سڪرنڊ جي باهه متاثرن وٽ ڪير به لڙي نه آيو، 22 خاندانن جا متاثر سراپا احتجاج

سڪرنڊ (ن ع آ)سڪرنڊ ويجهو 2 ڏينهن اڳ سڪرند ڀرسان ڳوٺ مجيد ڪيريو لڳ باگڙي برادري جي 22 گهرن کي باهه لڳڻ ڪري سڙي ويا هئا جڏهن ته2 معصوم ٻارڙا چار ساله لڇمڻ ۽ پنج ساله لڇمي ۽ هڪ پيرسن پڻ سڙي فوت ٿي ويو هو. ٻارڙن جون آخري رسمون باگڙي برادري جي قبرستان ڀٽ شاهه لڳ ادا ڪيون ويون. جڏهن ته 50 ساله ڪرشن باگڙي کي کپرو ڀرسان سندس اباڻي قبرستان ۾ آخري رسمون ادا ڪيون ويون. جڏهن لاش آخري رسمن لاءِ ڳوٺان نڪتا ته وڏي انگ ۾ عورتون ۽ باگڙي برادري جا مرد ٻارن وڏي ڏک ۾ورتل هئا هر طرف ڏکوئيندڙ منظر ڏسڻ ۾ آيا. جڏهن ته ٻئي ڏينهن به باگڙي برادري جي متاثرين وٽ سندن امداد لاءِ ڪا به حڪومتي ڌر نه پهتي نه ئي سندن نقصان جي ازالي جي سروي ڪئي آهي نه ئي اهڙي ڪا رپورٽ جوڙي وئي آهي. باگڙي برادري جي 22 خاندانن جا متاثرن احتجاج ڪندي چيو ته حڪومت اسان جي ڪا به مدد نه ڪئي آهي اسان جو سڀ ڪجهه سڙي ويو آهي پر افسوس اسان وٽ ڪير به نه پهتو آهي. اسين فاڪه ڪشي ۾ ورتل آهيون. خدارا اسان جي مدد ڪئي وڃي. اسان جي گهرن ۾ ڪجهه به نه بچيو آهي هاڻ کلي آسمان هيٺ اسان جا ٻار بيمارين ۽ بک وگهي مري سگهن ٿا. اڳواڻن سروڻ باگڙي ، منير ، رانجهو ، چندر ، جيوڻي ، جمني سميت ٻين اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي آهي اسان جي سار لهي معاوضو ڏنو وڃي اسان کي گهر ٺهرائي ڏنا وڃن.  ان موقعي تي متاثر عورتن صحافين کي وڏيون رڙيون ڪندي ٻڌايو ته اسان جو سڀ ڪجهه تباهه ٿي ويو آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.