لاڙڪاڻي لڳ شاگرد پراسرار نموني گم

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ڀرسان ماهوٽا ٿاڻي جي حد مان ڏهين ڪلاس جو شاگرد نوجوان فرحان علي شاهاڻي ڪالهه گهر وارن سان ناراض ٿي پراسرار نموني گم ٿي ويو اهڙو اطلاع وارثن طرفان حد جي ماهوٽا ٿاڻي جي پوليس کي ڏيڻ سميت آسپاس جي ڳوٺن ۽ لاڙڪاڻي شهر جي مختلف علائقن ۾ نوجوان جي ڳولا ڪئي پر ان جي باوجود نوجوان جو ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو جنهن ڪري نوجوان جا سمورا گهر ڀاتي سخت پريشانيءَ ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. ان حوالي سان گم ٿي ويل نوجوان جي پيءُ علي مراد شاهاڻي ٻڌايو ته منهنجو پٽ فرحان علي شاهاڻي معمولي ڳالهه تان گهر ڀاتين سان ڪاوڙجي گهران نڪرڻ بعد پراسرار نموني گم ٿي ويو .جنهن کي آسپاس جي ڳوٺن ۽ لاڙڪاڻي شهر جي مختلف علائقن ۾ ڳولا سان گڏ پوليس کي اطلاع ڏنو پر ان جي باوجود پٽ جو ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته نوجوان پٽ جي ڳولا ۾ مدد ڪري گهر ڀاتين ۾ ڇانيل پريشاني ختم ڪئي وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.