شادي لارج مان لاپتا ٽيڪسي ڊرائيور ۽ سندس دوست جي گرفتاري ظاهر

شادي لارج (ن ع آ)کوسڪي وارڊ 2 جو رهواسي ٽيڪسي ڊرائيور عبدالغني لنڊ ۽ ڪڍڻ جو رهواسي نبي بخش چانڊيو جي وارثن عبدالمجيد لنڊ ۽ ارشاد چانڊيو پاران پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ٻئي نوجوان گهران /لاڙڪاڻي وڃڻ جو چئي 1 اپريل تي روانا ٿيا ۽ 2 اپريل کان هنن سان رابطو ڪٽجي ويو ۽ ڪافي پڇا ڳاڇا بعد به ڪٿي خبر نٿي لڳي ۽ اسان کي شڪ ته عبدالغني لنڊ ۽ نبي بخش چانڊيو کي ڪنهن ڪيو هوندو ۽ هنن اهڙي درخواست ايس ايس پي بدين کي پڻ ڏني جنهن بعد پرنٽ اليڪٽرڪ ۽ سوشل ميڊيا تي خبرون لڳڻ بعد اڄ پوليس ڄامشورو سندن گرفتاري ظاهر ڪئي  ۽ پوليس دعوا ڪئي کين ڄامشورو ٽول پلازه وٽ 20 ڪلو چرس ۽ 10 آفيم سميت گرفتار ڪيا آهن جڏهن ٻنهي نوجوانن ڄامشورو پوليس ڄامشوري جي عدالت ۾ پيش ڪيو جتي عدالت جيل حوالي ڪري ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.