گيس سلينڊرن جي ڦاٽڻ جا وڌندڙ خوفناڪ واقعا

ڪالهه ڪراچيءَ جي موسميات واري علائقي ۾ ڪراچيءَ يونيورسٽي روڊ تي واقع الجديد سپر مارڪيٽ جي ڀرسان هڪ دڪان ۾ گيس جي سلينڊر ڦاٽن وارو واقعو برپا ٿيو آهي، جنهن جي ڌماڪي سان دڪان تباهه ٿي ويو. ان ڌماڪي جو آواز پري پري تائين ٻڌيو ويو ڌماڪي سبب ڀرپاسي جي دڪانن ۽ بيٺل گاڏين کي پڻ شديد نقصان رسيو ۽ مجموعي طور تي موقعي تي موجود ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اهڙي افسوس ناڪ واقعي ۾ هڪ عورت ۽ ٻه ٻار پڻ اجل جو شڪار ٿي ويا، ڌماڪي بعد رينجرز ۽ پوليس اهلڪارن جو هڪ وڏو اٽالو پهچي ويو جڏهن ته ريسڪيو ادارن جا اهلڪار پڻ واقعي واري هنڌ پهچي ويا.

ڪراچيءَ ۾ گيس سلينڊر جو استعمال اڪثر ڪري چانهه جي هوٽلن يا وري عام کاڌي پيتي جي هوٽلن ۾ ٿئي ٿو جن کي قانوني طور تي سوئي گيس جو ڪنيڪشن ملي نه ٿو سگهي، اهو ئي سبب آهي جو موسمايات جي علائقي، گلستان جوهر ۽ گلشن اقبال جي علائقي سميت سموري شهر جي اڪثر پوئتي پيل يا ڪچي آبادين ۾ گيس جي سلينڊر جو استعمال عام آهي، اهو ئي سبب آهي جو هفتي ۾ هڪ اڌ خبر گيس سيلندرن جي ڦاٽڻ يا وري انهن جي ليڪ ٿيڻ جي ايندي رهندي آهي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن موسميات واقعي وانگر ڪو وڏو يا خوفناڪ واقعو به ٿي پوندو آهي، ويجهي ماضي ۾ اهڙن واقعن جو انگ ڪافي سارو آهي.

گيس سلينڊرن جي ڦاٽڻ جا واقعا رڳو سنڌ ۾ ئي نه ٿا ٿين پر اهڙا واقعا پنجاب جي وڏن شهرن ۽ خيبرپختونخواهه ۾ پڻ ٿين ٿا، گذريل سالن ۾ ملڪ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ گيس سلينڊرن جي ڦاٽڻ جي واقعن ۾ واڌ آئي آهي. گذريل سال 2020 جي نومبرمهيني ۾ ڪوئٽا ۾گيس سلينڊر جي ڦاٽڻ سان 30- ماڻهو زخمي ٿيا، جنوريءَ ۾ لاهور ۾ گيس سلينڊر جي ڦاٽن جو واقعو ٿيو جنهن ۾ 11- ماڻهو اجل جو شڪار ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا، جولاءِ 2018 ۾ ملتان ۾ ٿيندڙ ڌماڪي ۾ 3- ڄڻا اجل جو شڪار ٿيا ۽ 25- ماڻهو زخمي ٿيا. 2017 جي فيبروري مهيني ۾ پشاور ۾ ٿيل هڪ ڌماڪي ۾ پنج ڄڻا زخمي ٿيا، جيڪڏهن ٿورا تفصيل گڏ ڪبا ته سموري ملڪ ۾ گيس سلينڊرن جي ڦاٽڻ جا ڪيترائي واقعا سامهون ايندا جن ۾ سون جي انگ ۾ ماڻهن جون قيمتي جانيون ضايع ٿيون هونديون ۽ سون جي انگ ۾ زخمي ٿيا هوندا.

ان سڄي صورتحال ۾ ڪجهه سوال ضروري طور تي سامهون اڀري اچن ٿا، مثلن گيس سيلينڊر ڦاٽن ڇو ٿا، ڇا گيس استعمال ڪرڻ لاءِ جيڪي سلينڊر استعمال ٿين ٿا انهن جي جوڙجڪ معياري نه هوندي آهي، ڇا انهن ۾ مقدار کان وڌيڪ گيس وڌي ويندي آهي، ڇا انهن گيس سلينڊرن جي استعمال لاءِ ڪا وقت جي حد به مقرر ٿيل هوندي جنهن تي عمل نه ٿو ڪيو وڃي، ڇا انهن جي وقت بوقت چيڪنگ جو  ڪو نظام قائم آهي، ڇا گيس فراهم ڪرڻ ۽ ان کي استعمال ڪرڻ متعلق ڪا حڪومتي قانون سازي يا ضابطه جڙيل آهن يا نه، گيس سلينڊرن جي ڦاٽڻ سبب جيڪي افسوس جوڳا واقعا پيش اچن ٿا انهن کي روڪڻ لاءِ ڪجهه ڪري نٿو سگهجي.

هن موقعي تي اسان سنڌ توڙي وفاقي حڪومت کي ڪجهه گذارشون ڪرڻ چاهينداسين ته گيس هڪ اهڙو اسم آهي جيڪو عام زندگيءَ ۾ انتهائي ضروري طور تي استعمال ٿئي ٿو، پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته گيس جي چرپر ۽ ان جي استعمال کي وڌ کان وڌ محفوظ بڻايو وڃي، خاص ڪري گيس سلينڊرن جي پيداوار ۽ فراهميءَ واري عمل کي ڪنهن خاص معيار ۽ قانون جو پابند بڻايو وڃي، جيڪي دوڪاندار يا وري گيس فراهم ڪندڙ ايجنسيون گيس فراهم ڪرڻ جو ڪم ڪن ٿيون انهن لاءِ حفاظتي تدبيرن تي عمل ڪرڻ يقيني بڻايو وڃي، گيس سلينڊر جي چيڪنگ جو ڪو اهڙو نظام لاڳو ڪيو وڃي جنهن تحت گيس سلينڊرن جي معيار کي پرکڻ لاءِ ته سلينڊر وڌيڪ عرصي لاءِ استعمال ٿي سگهي ٿو يا نه ان جي چڪاس ڪرائي وڃي، جيڪڏهن معياري آهي ته ان کي استعمال جي اجازت هجڻ گهرجي نه ته ان کي ڪٻاڙخاني حوالي ڪيو وڃي. مقامي طور تي جيڪي گيس سلينڊر ملن ٿا اهي اڪثر ڪري خانگي ۽ مقامي ڪمپنين جا ٺهيل هوندا آهن جن جي معيار جي ڪابه ضمانت نه هوندي آهي، اهڙن سلينڊرن جي پيداوار ۽ وڪري ته پابندي لڳائي وڃي، ۽ جيڪڏهن مناسب هُجي ته گيس سلينڊر جي پيداور، وڪري ۽ گيس سروس فراهم ڪرڻ لاءِ قانونن ۽ ضابن کي سختيءَ سان لاڳو ڪيو وڃي جيڪڏهن ان ڏس ۾ ڪي قانون يا ضابطا موجود نه آهن ته انهن کي نئين سر جوڙڻ جي ضرورت آهي.

اسين سمجهون ٿا ته گيس سلينڊرن جي ڦاٽڻ جا واقعا رڳو سنڌ حڪومت جو مسئلو نه آهي پر اهو ملڪ جي چئني صوبن جو مسئلو آهي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته معاملي سان لاڳاپيل وفاقي ادارن کي پڻ ان ڏس ۾ تحرڪ وٺڻ گهرجي ته جيئن وڌ ۾ وڌ عوام جي زندگين کي محفوظ بڻائي سگهجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.