افغان امن ڳالهيون

هاڻوڪن ڏينهن ۾ جڏهن مان ماضيءَ جي افغان مجاهدن ۽ طالبان کي ماسڪو جي ياترا ڪندي ڏسان ٿو ته ڳالهين جي ميز جي چوڌاري افغانستان جي تاريخي تضاد جي کنڊرن تي ٺاهه جي هڪ نئين عمارت تعمير ٿيندي نظر آئي، ڳالهين جي ميز جي هڪڙي پاسي افغان جهاد جو ڪمانڊر گلبدين حڪمت يار، ملا عمر جو ساڄو هٿ مُلا غني برادر، ٻئي پاسي روس جو پرڏيهي وزير ۽ آمريڪا جي نمائندگي ڪندي زلمي خليل زاد ۽ نائن اليون بعد آمريڪا جي ”وفادار“ طور مشهور ٿيندڙ حامد ڪرزئي، اهي سڀئي ڳالهين جي ميز تي فڪر منديءَ ۾ هيا ته آخرڪار افغانستان ۾ امن ڪيئن قائم ٿئي.

1970ع کان وٺي هن وقت تائين افغانستان جي سفر کي تاريخ جو سفر چئون يا وري افغانستان جي تباهيءَ جو سفر چئون، ان لاءِ ڏوهي ڪير آهي ۽ ان گهٽ يا وڌ تباهيءَ لاءِ ذميوار ڪير آهي، آمريڪا، يا وري روس جهڙي طاقت جنهن افغانستان تي جنگ مڙهي، ان جو فيصلو هن وقت ڪرڻ تمام مشڪل آهي.   ماضيءَ ۾ هڪ ٻئي جا جاني دشمن هاڻي هڪ ئي ميز تي هڪ ٻئي جا پيالي ڀائي لڳا ويٺا هيا، مجاهدن ۽ آمريڪا جي هٿان روس جي سلطنت جو تباهه ٿي ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ ۽ نائن اليون کانپوءِ آمريڪا جي افغانستان تي چڙهائي کانپوءِ طالبان دور جو خاتمو ۽ هاڻي وري هڪ ٻئي سان گڏجي ويهڻ ۽ صلح جون ڳالهيون ڪرڻ.

گذريل ڏينهن جا تڪرار  ۽ اڄ امن جون ڳاليهون اها دنيا جي تاريخ رهي آهي. پر افغانستان ۾ جيڪا خونريزي ۽ جنگ ٿيندي رهي آهي ان جا ذميوار ڪنهن نه ڪنهن نموني اهي رياستون ۽ ڌاڙا پڻ آهن ۽ انهن جي ئي دامن تي خون جا نشان آهن، افغانستان جي سلسلي ۾ اختلاف، مفاد ۽ تضاد هاڻي انتهائي خطرناڪ حد تائين منجهي ۽ الجهي ويا آهن، صورتحال ايتري سنگين آهي جو ان جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته جنگ افغانستان ۾ پئي ٿئي، ان کي روڪڻ ۽ امن لاءِ ڳالهيون روس ۾ پيون ٿين، جنهن جي ميزباني به روس پيو ڪري، ۽ انهن ڳالهين ۾ وري آمريڪا سميت طالبان ۽ مجاهدن سميت افغانستان جي حڪومت جا نمائندا به شامل آهن، هاڻوڪي صورتحال ۽ امن ڳالهين جون تصويرون ۽ ماضيءَ جون جنگ واري منظرن جون خون سان ريٽيل تصويرون هڪ ئي البم ۾ رکي سگهبيون؟، جيڪڏهن اهڙي صورتحال متعلق سوچ ويچار ڪجي ٿي ته مٿو چڪرائجڻ لڳي ٿو.

ماسڪو ۾ امن ڳالهين طرف، انهن ڳالهين ۾ افغانستان جي طالبان جي مرحوم ڪمانڊر جلال الدين حقانيءَ جو پٽُ انس حقاني به موجود هيو، روس جي پرڏيهي وزير ۽ ڪرزئي صاحب جهڙي نموني سرگرميءَ سان سندس آڌرڀاءُ ڪيو اهڙيون تصويرون به ڏسي سگهن ٿيون.

عجيب ڳالهه آهي، افغان جنگ دوران طالبان جو مرحوم ڪمانڊر جلالدين حقاني افغان جهاد دوران آمريڪا جي جي سوويت روس خلاف ويڙهه ۾ هڪ اهم ڪمانڊر هيو ، وائٽ هائوس ۾ سندس اچڻ وڃڻ عام رهندو هو ۽ هو ريگن سان پڻ ڪيترائي دفعا ملاقات ڪري چڪو هو. تاريخ جي ستم ظريفي چئون يا حالتن جي تبديلي چئون، نائين اليون جي واقعي بعد حقاني نيٽ ورڪ القاعده سميت آمريڪا جو سڀ کان وڏو دشمن ٿي اڀريو . آمريڪا جي نمائندن ۽ اهلڪارن جي زبان تي القاعده سان گڏ حقاني نيٽ ورڪ جو نالو به هوندو هو ۽ افغانستان جي مسئلي جي هر بنياد ان نيٽ ورڪ ۾ ڳوليو ويندو هو.هاڻي شايد آمريڪا جنگ ڪندي ڪندي ٿڪجي پيو آهي ته ان امن جو منتر شروع ڪيو آهي، ته ڪالهه جي سڀ کان وڏي دشمن حقاني نيٽ ورڪ جي ڪمانڊر سراج حقانيءَ  جو آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائمز ۾ افغانستان ۾ امن جي صورتحال متعلق هڪ وڏو مضمون شايع ڪرايو ويو آهي. ڪرزئي جيڪو ڪالهه تائين حقاني نيٽ ورڪ ۽ طالبان جي معاملي ۾ آمريڪا جو هم زبان هيو اڄ اهو ڪرزئي امن ڳالهين جي سلسلي ۾ طالبان ۽ حقاني نيٽ ورڪ سان سرگرم آهي.

احمد شاهه مسعود جيڪو سڄي ڄمار حڪمت يار ۽ طالبان جو دشمن رهيو، ان جي  اتراتحاد آمريڪا سان گڏجي طالبان سان خلاف جنگ ڪئي، احمد شاهه مسعود جنهن کي هڪ خودڪش حملي ۾ قتل ڪيو ويو ان جو ويجهو ساٿي عبدالله عبدالله هاڻي امن ڳالهين ۾ طالبان سان گڏ ڏسي سگهجي ٿو. طالبان ڪمانڊرن کي ماسڪو ۾ ڳالهين جي ميز تي ڏسي مون کي اهي انتهائي بي رحم لمحا ياد آيا جڏهن طالبان ڪابل تي قبضو  ڪرڻ بعد روس نواز اڳوڻي افغان صدر نجيب کي ڪابل ۾ گڏيل قومن جي ڪمپائونڊ وال مان گهلي ڦاهي تي لڙڪائي ڇڏيو ۽ ان جي لاش جي وات ۾ سگريٽ ۽ پرڏيهي ڪرنسي وجهي ڇڏي، سندس لاش کي  ڪيترن ئي ڏينهن تائين ڦاهيءَ تي ٽنگيل رکيو، روس طالبان جي اهڙي  ظالماڻي ڪارروائيءَ تي سخت رد عمل جو اظهار پڻ ڪيو پر اڄ اهي ئي طالبان ماسڪو ۾ موجود آهن. خير هاڻي تاريخ جي پنن تي هڪ ٻي تاريخ لکجي رهي آهي . هن دنيا ۾ رياستون هجن يا نظرياتي ٽولا هجن بدلجندا رهن ٿا، دنيا الٽي پلٽي ٿي وئي آهي.

پر ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن منهنجي ملاقات منهنجي ڪجهه پراڻن ڪامريڊ دوستن سان ٿي ته مان انهن کي اها ڳالهه سمجهائڻ کان لاچار هيس، اسان بحث ۾ الجهيل هياسين ۽ اسان جي خيالن ۾ پڻ واضع نموني اختلاف هيو. ڪجهه دوستن جو خيال هيو ته اسان کي روسي ويڪسين لڳرائڻ گهرجي ۽ ڪجهه دوستن جو خيال هيو ته اسان کي چيني ويڪسين لڳرائڻ گهرجي، اسان اهڙي ئي نموني ورهايل هياسين جهڙي نموني سوويت روس جي ٽٽڻ کان اڳ دنيا روس نواز ۽ چين نواز ڌڙن ۾ ورهايل هُئي، اسان سوچن ۾ گم سم پنهنجي گهر واپس ٿياسين پر هڪ پاسي ماسڪو ۾ روس جي ميزبانيءَ ۾ طالبان ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهيون هيون ۽ ٻئي پاسي اسان جا دوست هيا.

 

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.