اي اين پي جي ڌار ٿيڻ کان پوءِ واري پي ڊي ايم

وزير علي جمالي

اڱاري 06 اپريل تي عوامي نيشنل پارٽي جي وقتي صدر امير حيدر هوتي پاران پشاور ۾ پُرهجوم پريس ڪانفرنس ۾ پي ڊي ايم اتحاد کان الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪيو ويو جنهن ۾ هن نواز ليگ ۽ جي يو آءِ ف خلاف شڪايتن جون ڍيريون کولي ڇڏيون، سندس چوڻ هو ته” ڪنهن جي ذاتي ايجنڊا جو حصو نه بڻجنداسين، لاڙڪاڻي ۾ پ پ خلاف جي يو آءِ، پي ٽي آءِ سان اتحاد ڪيو ان تي ته ڪوبه شوڪاز نوٽيس جاري نه ڪيو ويو، اسان کي ديوار سان لڳايو پيو وڃي، جن شوڪاز نوٽيس ڏنو انهن پاڻ ئي پي ڊي ايم جي خاتمي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.“ اي اين پي جي پريس ڪانفرنس جي ردعمل ۾ مولانا غفور حيدري دلچسپ تبصرو ڪندي چيو آهي ته” جهڪڻ ۽ وڪامڻ جا به ڪجهه انداز هوندا آهن، پ پ ۽ اي اين پي جي رويي سان جڳ هنسائي ٿي آهي“ پي ڊي ايم جو اتحاد جڏهن وجود ۾ آيو ته ان جا جلسا، ٽنهي وڏين پارٽين جي اڳواڻن جون جوش واريون تقريرون ٻڌي عوام کي ايئن لڳي رهيو هو ته عمران حڪومت بس فقط چند ڏينهن جي مهمان آهي، ميان نواز شريف طرفان اسٽيبلشمنٽ کي للڪارڻ، نوجوان مريم ۽ بلاول جو جذبو به ڏسڻ وٽان هو جيڪي بنا ڪنهن لحاظ جي پنهنجي قد کان به وڏيون تقريرون ڪري رهيا هئا، جڏهن ته ملڪي سياست ۾ وڏي آڙيڪاپ طور سڃاتو ويندڙ مولانا فضل الرحمان جون اُميدون به آخري حدن کي ڇُهي رهيون هيون جيڪو سڀ ڪجهه هاڻي ماضي جو قصو بڻجي چڪو آهي.

پر هتي سوال اهو آهي ته پي ڊي ايم کي موجوده سياسي منظرنامي ۾ ايڏي ناڪامي ڇو پلئه پئي آهي؟ پاڪستان ۾ جيتريون به سياسي تحريڪون هلايون ويون انهن جو ڪو نه ڪو نظريو ضرور هوندو هو، ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جو مقبول ترين حڪمران هيو، پر ان خلاف پي اين اي جي تحريڪ تباهه ڪن ثابت ٿي، ڇو ته ان تحريڪ جي سڃاڻپ ”نظام مصطفى“ بڻجي چڪي هئي، جيتوڻيڪ ان تحريڪ ۾ ماڻهن جا انبوهه شامل ٿيندا ويا ۽ انهن جو جوش جذبو به ڏسڻ وٽان هوندو هو، بدقسمتي سان پي ڊي ايم ۾ ان جهڙي ڪا هڪڙي ڳالهه به ڪونه آهي، پي اين اي جي تحريڪ ۾ ڀٽي جي مخالفت به شامل هئي جيڪا پي اين اي جي وڏي طاقت هئي.

مڃون ٿا ته هن وقت موجوده پي ٽي آءِ حڪومت خلاف پي ڊي ايم هڪ وڏي سياسي طاقت آهي، پر هوءَ عمران خلاف عوام اندر اهڙي نفرت پيدا ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي جيڪا عمران کي اقتدار کان لاهي گهر ڀيڙو ڪري سگهي،پي ڊي ايم جي سڀ کان وڏي ڪمزوري اها آهي ته ان ۾ شامل سڀئي سياسي پارٽيون ” عوامي مزاحمت“ کان محروم آهن. پي ڊي ايم جي سڀ کان وڏي پارٽي نواز ليگ ۽ ميان نواز شريف پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ مقبول ليڊر آهي، پر پنجاب جو عوام ميان صاحب کي ووٽ ته ڏئي سگهي ٿو پر ان جي حمايت ۾ روڊن تي اچي رياستي طاقت خلاف ويڙهه نٿو ڪري سگهي، جيل ڀرڻ ۽ گوليون کائڻ لاءِ تيار ناهي، جڏهن ته نواز ليگ جو سڀ کان وڏو مسئلو اهو آهي ته هوءَ هڪ خانداني پارٽي آهي جنهن جو ڪوبه جهموري ۽ عوامي بنياد ئي ڪونه آهي، هر ڪنهن کي چڱي طرح سان معلوم آهي ته ميان صاحب خود ڪئين مقتدر ادارن جي آشيرواد سان هر ڀيري اقتدار ۾ ايندو رهيو آهي، ڪجهه عرصو اڳ تائين هو اسٽيبلشمينٽ جو ” دادلو هو“ هن وقت به هو جيڪا مزاحمت ڪري رهيو آهي اها فقط پنهنجي اصل مالڪن کان ڪنهن نئين ڊيل لاءِ آهي نه ڪه نظام بدلجڻ لاءِ جنهن جو لولي پوپ هو عوام کي ڏئي رهيا آهن، ڇو ته هنن کي اها ڳالهه چڱي طرح سان معلوم آهي ته جيڪڏهن موجوده نظام حقيقي معنى ۾ تبديل ٿيو ته ان ۾ نه رڳو اسٽيبلشيمنٽ، پر نواز ليگ جهڙين خانداني سياسي پارٽين لاءِ به ڪا جڳهه ڪونه هوندي.

پي ڊي ايم جي ناڪامي جو هڪ ٻيو اهم سبب ميان نواز شريف جي ملڪ کان هٿ ٺوڪيل جلاوطني آهي، ميان نواز شريف پاڻ کي پي ڊي ايم جو ”اسٽار بيٽسمين“ ته سمجهي ٿو، پر هو ملڪ ۾ اچي مزاحمتي بيانئي جي اڳواڻي ڪرڻ لاءِ بنهه تيار ڪونه آهي. ٻئي طرف پي ڊي ايم جي ٻي وڏي سياسي جماعت پيپلزپارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري جي سياست کان هر ماڻهو چڱي ريت واقف آهي، آصف علي زرداري سمجهي ٿو ته موجوده سسٽم ۾ ميان نواز شريف ۽ مولانا فضل الرحمن جي ڪابه جڳهه ڪونه آهي، جيتوڻيڪ لانگ مارچ  يا استعيفى وارو آپشن استعمال ڪيو ويو ته سنڌ حڪومت سندن هٿن مان وڃي سگهي ٿي جيڪا ڳالهه پيپلزپارٽي لاءِ تمام وڏي معاشي ۽ سياسي نقصان جي برابر هوندي، اها ڳالهه به لڪل ڪونه آهي ته زرداري موجوده سياسي ڪشمڪش کي پنجاب ۽ سنڌ جي آئيني ۾ ڏسي ٿو، ايئن نه هجي ها ته هو پي ڊي ايم جي اجلاس ۾ ميان نواز شريف ۽ پنهنجي ڊوميسائل جو ذڪر ئي نه ڪري ها.

پڙهندڙن کي ياد هوندو ته آصف علي زرداري ڪجهه سال اڳ پشاور ۾ اڳوڻي آرمي چيف ۽ اسٽيبلشمنٽ خلاف هڪ سخت بيان ڏنو هو، پر ان بيان کان ٻئي ڏينهن تي کيس دبئي فرار ٿيڻو پيو هو ۽ هو ايسيتائين واپس ڪونه آيو جيسيتائين جنرل راحيل شريف رٽائر نه ٿيو. جڏهن ته ميان نواز شريف جو معاملو الٽو آهي، هو اسٽيبلشمنٽ خلاف ”مجهي ڪيون نڪالا“ جي مُهم هلائي رهيو آهي ۽ جنرل باجوا توڙي جنرل فيض جا نالا کڻي مٿن سخت الزام لڳائي رهيو آهي، پر ان باوجود نه رڳو هن کي ٻاهر وڃڻ جي آزادي ملي، پر سندس ڌيءُ اڄ به بنا ڪنهن روڪ رنڊڪ جي پنجاب جي سياسي ميدان تي ڇڪا چونڪا هڻي رهي آهي ۽ جنرلن کي للڪاري رهي آهي. پي ڊي ايم جي اڳين اجلاس ۾ آصف علي زرداري جي انقلابي خطاب مان اها ڳالهه صاف ظاهر آهي ته پيپلزپارٽي مجلس عامله جي اجلاس ۾ هرگز لانگ مارچ ۽ استعيفائن جو فيصلو ڪونه ڪندي، يوسف رضاگيلاني کي سينيٽ ۾ مخالف ڌُر جو اڳواڻ بڻائڻ، حڪومت سان چونڊ سڌارا  جي حوالي سان تعاون ڪرڻ ۽ قانونسازي لاءِ سهڪار ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون ان ڳالهه جون پڪيون شاهديون آهن ته پيپلزپارٽي پي ڊي ايم کي ” سياسي سڪرات “ کان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ هرگز تيار ڪونه آهي ۽ هوءَ ملڪ جي اصل واڳ ڌڻين سان پنهنجا معاملا سڌا ڪرڻ ۾ مصروف آهي، جن کين پڪو يقين ڪرايو آهي ته مولانا فضل الرحمان ۽ ميان نواز شريف کان پاسيرو ٿيڻ جي صورت ۾ نه رڳو سندن صوبائي حڪومت قائم دائم رهندي، پر کين ايندڙ عام چونڊن کان پوءِ وفاق ۾ اهم ذميواري به ڏني ويندي، پيپلزپارٽي ۽ آصف علي زرداري کي پي ڊي ايم جي سياست مان جيڪو ڪجهه حاصل ڪرڻو هو هو حاصل ڪري چڪا آهن، آصف علي زرداري پي ڊي ايم جي سياست ذريعي پنهنجا معاملا اسٽيبلشمنٽ سان سڌا ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهي جڏهن ته نواز ليگ به ساڳي گيم ڪري رهي آهي، بظاهر هو استعيفائن ۽ لانگ مارچ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن، پر ان سموري سرگرمي جو اصل مقصد اسٽيبلشمنٽ کان بهترين ڊيل حاصل ڪرڻ آهي، حمزه شهباز جي ضمانت ٿي چڪي جڏهن ته ميان شهباز شريف جي به ڪجهه ڏينهن اندر ضمانت ٿي ويندي، مقتدرقوتون چاهين ٿيون ته عمران خان مريم نواز کي ميان نواز شريف ڏانهن لنڊن وڃڻ ڏئي ته جيئن نواز ليگ مٿان ”ش ليگ“ جو ڪنٽرول ٿي سگهي ڇو ته هوءَ ” ن ليگ“ بدران ” ش ليگ“ کي معاملا حل ڪرڻ لاءِ بهتر آپشن سمجهن ٿا، پر عمران خان اڃان تائين ان ڍيل جي مزاحمت ڪري رهيو آهي، ساڳي طرح سان پيپلزپارٽي قيادت طرفان پڻ مريم نواز بدران حمزه شهباز سان معاملات سڌا ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي،

جڏهن ته باخبر ذريعن موجب نواز ليگ ۽ پيپلزپارٽي قيادت پاران هڪٻئي خلاف ڇتي بيان بازي باوجود نواز ليگ پيپلزپارٽي خلاف سخت ردعمل ڏيڻ بدران کيس پي ڊي ايم ۾ بحال رکڻ  جو فيصلو ڪيو آهي، ڇو ته کين چڱي طرح معلوم آهي ته سندن لاءِ بهترين ” ڊيل “  حاصل ڪرڻ جو واحد رستو پي ڊي ايم ذريعي حڪومت مٿان دٻاءُ برقرار رکڻ آهي، ساڳي طرح سان پيپلزپارٽي به هڪ ٽڪيٽ ۾ ٻه مزا وٺڻ واري ڳالهه وانگر حڪومت ۽ مخالف ڌُر طور عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ واري بهترين گيم کي جاري  رکندي، جڏهن ته هن وقت ان سموري عمل کان پوءِ پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ جون هڪٻئي خلاف بدگمانيون چوٽ تي چڙهيل آهن.

3 اپريل تي خيرپور ۾ بلاول ڀٽو زرداري پاران اهو چوڻ ته ”عمران وانگر نواز ليگ کي به گيلاني جي ڪاميابي هضم ناهي ٿي، سدائين آر پار جي سياست نه هلندي، پ پ خلاف پروپيگنڊا تي خاموش آهيان نه ته جواب ڏيڻ اچي ٿو“ واري بيان کان پوءِ چڱي طرح سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته پي ڊي ايم جي ٻنهي وڏين پارٽين جا معاملا ڪٿي وڃي پهتا آهن.

اسان سمجهون ٿا ته هن سموري راند ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان مولانا فضل الرحمان کي ٿيو آهي جيڪو ٻنهي وڏين پارٽين جي بي وفائي جي ڪري بستري ڀيڙو ٿي چڪو آهي ۽ سخت صدمي جو شڪار آهي ڇو ته مولانا جا سڀئي سونهري خواب وکري چڪا آهن. ٻئي طرف ان ڳالهه کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي ته عمران خان جي حڪومت زندگي جي هر دائري ۾ مڪمل ناڪام ثابت ٿي چڪي آهي، غربت، مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام آهي، مهانگائي جنهن ۾ سالن ۽ مهينن جي عرصي ۾ واڌ ٿيندي هئي اها هاڻي هفتيوار نوان رڪارڊ قائم ڪري رهي آهي، عمران خان پنهنجي چونڊ مُهم دوران ڪيل واعدن مان ڪو هڪ به واعدو وفا ناهي ڪري سگهيو، هوءَ نه بيروزگار نوجوانن کي ٻه ڪروڙ نوڪريون ڏئي سگهيو ۽ نه ئي وري بي گهر ماڻهن کي 50 لک گهر ٺاهي ڏئي سگهيو، اڍائي سالن جي ناڪامي نه رڳو عمران خان جي ناڪامي آهي، پر سندن چونڊ ڪرڻ وارن اصل طاقتور ادارن جي به ناڪامي آهي، اهوئي سبب آهي جو اسٽيبلشمنٽ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بُزدار کي تبديل ڪري عوام ۾ ان تاثر کي ختم ڪرڻ چاهي ٿي، ليڪن عمران بُزدار کي هٽائڻ لاءِ هرگز تيار ڪونه آهي، جيتوڻيڪ هن وقت عمران خان ۽ اسٽيبلشمنٽ وچ ۾ به لاڳاپا مثالي ناهن رهيا، اهوئي سبب آهي جو گذريل ڪجهه ڏينهن کان اسلام آباد جي هوائن ۾ ملڪ اندر ” قومي حڪومت ۽ ٽيڪنوڪريٽ حڪومت“ جون خبرون هلي رهيون آهن.

جڏهن ته مريم نواز پڻ هڪ ٽوئٽ ذريعي ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته”سليڪٽڊ جو متبادل تلاش ڪيو پيو وڃي“ پي ڊي ايم جي ناڪامي پنهنجي جڳهه تي، پر جيڪڏهن عمران خان ايندڙ ڪجهه مهينن اندر پنهنجي ڪارڪردگي کي بهتر نه ڪيو ته حالتون سندس ڪنٽرول مان ٻاهر نڪري سگهن ٿيون. ٻئي پاسي پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ اڳواڻن پاران هڪٻئي کي ڏنل طعنن، بلاول پاران شريف خاندان کي “ سليڪٽڊ” جڏهن ته مريم پاران ميان نواز شريف خلاف ڳالهائڻ وارن جون زبانون ڪٽڻ جهڙن بيانن پي ڊي ايم جي صدر مولانا فضل الرحمان کي به مايوسي جي اونهي غار ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي، پيپلزپارٽي تي ڍيل جي الزامن ۽ نواز توڙي مريم لاءِ پيپلزپارٽي جا دروازا بند ڪرڻ وارن بيانن ملڪ اندر ”تبديلي“ جي خواهشمند عوام کان ذري برابر اُميد به ڦري ورتي آهي، ايندڙ چونڊن کان اڳ ۾ پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ پاران هڪٻئي خلاف بيان بازي ضروري قرار ڏني پئي وڃي جڏهن ته پي ڊي ايم هڪ اهڙو ميدان بڻجي چڪو آهي جنهن ۾ هر هڪ رانديگر الڳ الڳ گول ڪرڻ جي چڪر ۾ آهي.

اهڙي صورتحال کان پوءِ ائين محسوس ٿئي پيو ڄڻ ته پي ڊي ايم ۾ سڀ ڪجهه موجود آهي، پر پي ڊي ايم ڪونه رهي آهي، يعني ”پي ڊي ايم مائنس پي ڊي ايم“ اهڙي طرح سان مخالف ڌُر جو اتحاد پي ڊي ايم هن وقت آخري پساهه کڻي رهيو آهي، پيپلزپارٽي ايوانن اندر رهي ڪري ويڙهه ڪرڻ چاهي ٿي جيڪو عمل ن ليگ کان سواءِ نٿو ٿي سگهي جڏهن ته نواز ليگ حڪومت ۽ مقتدر قوتن خلاف روڊن تي ويڙهه ڪرڻ چاهي ٿي ليڪن اهو  عمل وري پيپلزپارٽي کان سواءِ نٿو ٿي سگهي! اي اين پي جي اتحاد مان عليحدگي کان پوءِ پيپلزپارٽي به پي ڊي ايم کان پنهنجا رستا الڳ ڪرڻ ۾ هاڻي دير ڪونه لڳائيندي ۽ ائين سڪرات ۾ پيل پي ڊي ايم پنهنجي موت پاڻ مري ويندي، اهڙي طرح سان عمران ته پنج سال پورا ڪري ويندو ، پر عوام باقي اڍائي سالن ۾ ڪهڙي حال ۾ هوندو ان جو اندازو سندس  موجوده طرز حڪومت مان چڱي طرح سان لڳائي سگهجي ٿو.!!..

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.