ماڙي پيٽروليم ڪمپني مان وڌيڪ ڊيلي ويجز ملازم برطرف

ميرپورماٿيلو( ن ع آ) ماڙي پئٽروليم ڪمپني ڏھرڪي جي انتظاميه پاران ٽن ٻين مقامي ڏھاڙيدار پورھيتن نثار احمد شر، روشن علي ۽ امام علي کي نوڪرين تان نيڪالي ڏيئي ڇڏي،ماڙي پئٽروليم ڪمپني خلاف کروھي جي مقامي رھواسين ۽ متاثر پورھيتن گذريل ڏينھن ميرپورماٿيلو پھچي احتجاجي مظاھرو ڪري ڊي سي گھوٽڪي  آفيس جي مک گيٽ تي ڌرڻو ھڻي ڪمپني جي آر ايم ايس سليم اعواڻ خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي محمد علي شر، ميان لطف علي ٻين خطاب ڪندي چيو ته کروھي جي علائقي ۾ اسان جي زمينن ۾ ماڙي پئٽروليم وارن جا ٻه درجن کان وڌيڪ گيس جا کوھ آھن، اسان کي رائلٽي، صحت، تعليم ۽ روڊ رستا ڏيڻ بجاء ٽن سالن کان ڏھاڙي تي پورھيو ڪندڙ ڄاڻايل ٽنھي پورھيتن کي الٽو نيڪالي ڏني وئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.