سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزِيشن ليڊرحليم عادل جي ڪوٽ غلام محمد آمد

سنڌ اسيمبلي جو اپوزيشن ليڊر پي ٽي آئي اڳواڻ حليم عادل شيخ ڪوٽ غلام محمد پھتو،جتي پي ٽي آئي تعلقي صدر عادل ساند سميت ٻين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن گلن جي ورکا ڪري سندس استقبال ڪيو،اۡن موقعي تي صحافين سان ڳالھائيندي اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ چيو ته آئون ڪوٽ غلام محمد جي ڪپتان جي رانديگرن جو، پي ٽي آئي جي ورڪرن ۽ ڪارڪنن جو شڪر گذار آھيان جن کيس مان ڏنو آهي ، هن چيو ته اڄ ماڻھن کي ڪتا ڏاڙھي رھيا آھن، سنڌ ۾ 25 لک ڪتا آھن، پر ويڪسين نه آھي، ٿر ۾ ھزارين ٻارڙا مري چڪا آھن، ڊسپينسريون بند آھن، اسڪول بند آھن، روڊ رستا تباهه آھن، پوليس منشيات فروشي ۾ لڳي وئي آھي
حليم عادل شيخ صحافين جي سوالن جو جواب ڏيندي وڌيڪ چيو ته پ پ وارن ن ليگ جي پٺي ۾ ڇري ھنئي آھي، ھي مفاد پرستن جو ٽولو آھي.

رپورٽ: الھداد خاصخيلي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.