اي سي سي وي وي آءِ پي هيلي ڪاپٽرز لاءِ 33 ڪروڙ رپين جي گرانٽ منظور ڪري ورتي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اقتصادي رابطا ڪميٽي وي وي آءِ پي هيليڪاپٽرز لاءِ 33 ڪروڙ رپين جي گرانٽ منظور ڪري ورتي.

ناڻي واري وزير حماد اظهر جي صدارت هيٺ اي سي سي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ 8 نڪاتي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو.

ذريعن موجب اجلاس ۾ پي آءِ اي جي ري اسٽرڪچرنگ پلان جي اصولي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته پي آءِ اي جي ري اسٽرڪچرنگ پلان کي حتمي منظوري لاءِ ڪابينا موڪليو ويو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين جي پينشنرز کي ادائيگي، اي ووٽنگ تي عمل لاءِ ڪنسلٽنسي کي 28 ڪروڙ رپين جي گرانٽ منظور ڪئي.

ذريعن موجب اي سي سي سيڙپڪاري بورڊ کي 30 ڪروڙ رپين جي سپليمينٽري گرانٽس جي تجويز به منظور ڪئي، جڏهن ته ٽويوٽا کي اسڪل فار آل منصوبي لاءِ 2 ارب 23 ڪروڙ رپين جي گرانٽ جي منظوري ڏني وئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وي وي آءِ پي هيلي ڪاپٽرز لاءِ 33 ڪروڙ رپين جي گرانٽ ۽ انصاف امداد پروگرام کي فنڊن جي فراهمي جي به منظوري ڏني وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.