ڪم ڪارڊيشين به ارب پتي ماڻهن جي فهرست ۾ جاءِ ٺاهي ورتي

 

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ريئلٽي اسٽار ۽ اداڪارا ڪم ڪارڊيشين به ارب پتي ماڻهن جي فهرست ۾ شامل ٿي وئي.

آمريڪي رسالي فوربز طرفان جاري رپورٽ موجب ريئلٽي اسٽار ۽ ڪاروباري شخصيت ڪم ڪارڊيشين ارب پتي ماڻهن جي فهرست ۾ شامل ٿي وئي آهي.

فوربز موجب گذريل سال آڪٽوبر کان وٺي هيل تائين ڪم ڪارڊيشين جي ڪمائي ۾ 20 ڪروڙ ڊالرن جي واڌ ٿي، جنهن سان ان جي اثاثن جي مجموعي ماليت هڪ ارب ڊالرن کان وڌي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.