گلشن اقبال: موسميات چورنگي لڳ دڪان ۾ سلينڊر ڌماڪو،2 ٻار۽ عورت فوت

گلستان جوھر ۾ موسميات چورنگي لڳ پيزا جي دڪان ۾ گئس سلينڊر ڌماڪي سان ڦاٽي پيو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت سعديا ۽ ٻه معصوم ٻار عبدالله ۽ فاطمه فوت ٿي ويا جڏهن ته پنج دڪاندار زخمي ٿي پيا جن کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو ، ڌماڪو ايترو ته زوردار هو جنهن جو پري پري تائين آواز ٻڌو ويو، ڌماڪي سبب عمارت توڙي ڀرسان بيٺل گاڏيون مڪمل تباهه ٿي ويون ۽ ايندڙ ويندڙ گاڏين جا شيشا ٽٽي پيا ، ڌماڪي کانپوءِ ڊي آئي جي اوڀر زون ، ايس ايس پي اوڀر، ايس پي سهراب ڳوٺ ڊويزن ۽ رينجرز اهلڪارن پهچي علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو، ان موقعي تي ايس پي سهراب ڳوٺ ڊويزن راڻا معروف عثمان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو هي واقعي دهشت گردي نه پر حادثو لڳي ٿو، دڪان ۾ گئس ليڪ ٿيڻ سبب جڏهن صبح جو چلهي کي باهه ڏني وئي ته سلينڊر ڌماڪو ڪيو جنهن ۾ ٽي جانيون ضايع ٿي ويون آهن وڌيڪ جاچ جاري آهي

رپورٽ_شفقت نوناري

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.