ڪراچي:بدين جي ڳوٺ حاجي خان ويڙهو جي رهواسين جو بااثر خلاف احتجاج

بدين جي ڳوٺ حاجي خان ويڙھو واسين پاران با اثر گل محمد ويڙھو، خان محمد ويڙھو جي ظلمن خلاف ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري جي اڳواڻي ڪندڙ دلاور ،واحد علي، يونس، عباس، محمد جمن ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ڳوٺ جي بااثر وڏيرن پاران زمين تي قبضو ڪيو ويو آهي پنهنجي حق جي ڳالهه ڪرڻ تان موت مار ڌمڪيون ڏيڻ لڳا آهن، هنن چيو ته وڏيرن ڳوٺ حاجي خان ويڙھو ۾ پيئڻ جو پاڻي ۽ بجلي بند ڪرائي ڇڏي آهي، هنن ايس ايس پي بدين، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته ڳوٺاڻن مٿان ٿيندڙ ظلم جو نوٽس وٺي پيئڻ جو پاڻي ۽ بجلي بحال ڪرائي وڃي زمين تان قبضو ختم ڪرائي ڏنو وڃي ۽ ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي

رپورٽ_عارف نائچ يا صادق سومرو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.