ريلوي جي وفاقي وزير پاران ڪوٽڙي اسٽيشن جو دورو،مزدور يونين جو احتجاج

ريلوي جي وفاقي وزير اعظم سواتي پاران ڪوٽڙي اسٽيشن جي دوري دوران مزدور يونين پاران پڻ احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي وفاقي وزير ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ريلوي کي خساري مان ڪڍڻ ۽ ان جي ترقي لاء حڪومت بھترين قدم کڻي رھي آھي، حڪومت ملڪي معيشت کي بھتر ڪرڻ لاء مھانگائي جي خلاف جنگ وڙھي رھي آھي،هن چيو ته عمران خان جو اٽل فيصلو آھي ته چورن ۽ لٽيرن خلاف جنگ جاري رھندي ،وفاقي وزير چيو ته پي ڊي ايم پنھنجو وجود وڃائي چڪي آھي عمران خان ٻيھر حڪومت ٺاھيندو ،هن چيو ته ريلوي جي ڪواٽر ۽ زمين تي قبضي خلاف آفيسر فوري طور قدم کڻن ٻي صورت ۾ انھن آفيسرن خلاف ٽيھن ڏينھن اندر ڪاروائي ڪئي ويندي ،جنهن بعد وفاقي وزير ريلوي پاران ڪوٽڙي اسٽيشن ۽ لوڪوشيڊ جو پڻ دورو ڪيو ويو .

رپورٽ_ نويد راجپوت

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.