ڀارت ۾ وري هڪ ئي ڏينهن لک کان وڌيڪ ڪورونا ڪيس سامهون اچي ويا

 

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ ڪورونا جي تازي لهر دوران نون ڪيسن جو انگ مسلسل وڌي رهيو آهي ۽ گذريل 24 ڪلاڪن دوران به ڀارت ۾ هڪ لک کان وڌيڪ ڪيس سامهون آيا.

ڀارت جي صحت واري وزارت موجب اربع ڏينهن هڪ لک 15 هزار کان وڌيڪ نون ڪيسن جي تصديق ٿي.

هن هفتي ۾ اهو ٻيو ڀيرو ٿيو آهي ته ڀارت ۾ هڪ ئي ڏينهن ڪورونا جا هڪ لک کان وڌيڪ ڪيس سامهون آيا هجن.

ڀارت هن وقت دنيا ۾ ڪورونا ويڪسين ٺاهيندڙ سڀ کان وڏو ملڪ آهي پر ناقدن موجب ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ويڪسين جي فراهمي بدانتظامي جو شڪار آهي ۽ ماڻهو هڪٻئي کان پري رهڻ جي هدايتن کي به سنجيدگي سان نه پيا وٺن.

ڀارت ۾ هن وقت تائين 7 ڪروڙ شهرين کي ڪورونا ويڪسين ڏني وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.