هٿياربند فوجن تي تنقيد ڪندڙن کي قيد ۽ ڏنڊ جي سزائن جو قانون منظور

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي هٿياربند فوجن ۽ اهلڪارن تي تنقيد ڪندڙن خلاف 2 سال قيد ۽ 5 لک رپين تائين ڏنڊ جي تجويز ڪيل سزائن جي قانون جي منظوري ڏئي ڇڏي.

راجا خرم شهزاد نواز جي صدارت هيٺ گهرو معاملن بابت قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ حڪومتي ميمبر امجد علي خان طرفان پيش ڪيل ڪرمنل لا ترميمي بل تي غور ڪيو ويو.

ڪميٽي اجلاس ۾ پ پ ميمبر آغا رفيع الله، ن ليگ جي مريم اورنگزيب ۽ نديم عباس بل جي مخالفت ڪندي چيو ته اهو بل ملڪ ۾ اظهار جي آزادي جي خلاف استعمال ٿيندو، بل بابت ڪي پي حڪومت مخالفت ۾ ووٽ ڏئي چڪي آهي، ٽن صوبن اڃا تائين راءِ ناهي ڏني، اهو بل پاڻ اسان جي ادارن خلاف آهي، اسان پنهنجي ادارن سان گڏ بيٺا آهيون پر نيڪ نيتي سان تنقيد کي غلط نه چوڻ گهرجي.

اجلاس ۾ ووٽنگ ڪرائڻ تي 5-5 ووٽ برابر ٿيا ته چيئرمين خرم نواز حڪومتي ميمبر امجد علي خان جي تجويز ڪيل بل جي حق ۾ ووٽ وجهي ڇڏيو ۽ بل منظور ڪيو ويو.

بل تحت هٿياربند فوجون ۽ اهلڪار ڄاڻي واڻي تنقيد، توهين ۽ بدنامي کان آجا هوندا، ڀڃڪڙي ڪندڙ شخص خلاف تعزيرات پاڪستان جي قلم 500 اي تحت ڪارروائي ٿيندي ۽ 2 سالن تائين سزا، 5 لک تائين ڏنڊ ۽ ٻئي سزائون ڏئي سگهبيون، جڏهن ته قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سول عدالت ۾ ڪيس هلندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.