ميرپور ماٿيلو:کروهي جي رهواسين پاران ماڙي پيٽروليم انتظاميا خلاف احتجاج

ماڙي پئٽروليم ڪمپني ڏھرڪي جي انتظاميه پاران ٽن مقامي ڏھاڙيدار پورھيتن نثار احمد شر، روشن علي ۽ امام علي کي نوڪرين تان نيڪالي ڏيڻ خلاف کروھي جي رھواسين پاران ميرپورماٿيلو پھچي ڊي سي گھوٽڪي جي آفيس آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري مک گيٽ تي ڌرڻو ھنيو ويو ۽ ڪمپني جي آر ايم ايس سليم اعواڻ خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي احتجاج ڪندڙ اڳواڻن محمد علي شر، ميان لطف علي ۽ ٻين مرڻ گھڙي تائين بک ھڙتال جاري رکندي چيو ته جيستائين پورهيتن کي بحال نه ڪيو ويندو تيستائين بک هڙتال جاري ويندي .

رپورٽ_نصرالله گڏاڻي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.