ضمانت رد ڪرڻ جي درخواست، نيب مريم نواز جي جواب جو جائزو وٺڻ لاءِ مهلت گهري ورتي

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ضمانت رد ڪرڻ جي ڪيس ۾ نيب ن ليگ نائب صدر مريم نواز جي جواب جو جائزو وٺڻ لاءِ مهلت گهري ورتي.

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مريم نواز جي ضمانت رد ڪرڻ لاءِ نيب چيئرمين جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

جسٽس سردار سرفراز ڊوگر ۽ جسٽس اسجد جاويد گهرال تي ٻڌل بئنچ نيب چيئرمين جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ مريم نواز طرفان اپيل ڪئي وئي ته نيب جي درخواست ڏنڊ سان گڏ خارج ڪئي وڃي، نيب چوڌري شگر ملز ڪيس ۾ 14 مهينا خاموشي اختيار ڪئي پوءِ طلب ڪيو، نيب جا ڪيس ۽ گرفتاريون آواز دٻائڻ جي ڪوشش آهي، نيب سياسي انجنيئرنگ جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، نيب جي درخواست مان ظاهري طور لڳي ٿو ته نيب چيئرمين حڪومت جو ترجمان آهي.

مريم نواز پنهنجي جواب ۾ نيب جي ضمانت رد ڪرڻ جي درخواست جي مخالفت ڪئي ۽ موقف اختيار ڪيو ته قانون موجب لاهور هاءِ ڪورٽ چوڌري شگر ملز ۾ ضمانت منظور ڪئي، نيب جو ڪم ڪرپشن روڪڻ آهي، سياسي بيانن تي ڪارروائي ڪرڻ ناهي، حڪومت جي چوڻ ۽ سياسي بنيادن تي نيب ڪارروائي ڪري رهيو آهي.

نيب طرفان ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل چوڌري خليق الزمان ۽ سيد فيصل رضا بخاري عدالت ۾ پيش ٿيا، نيب چيئرمين جي درخواست ۾ مريم نواز ۽ گهرو وزارت کي ڌر بڻايو ويو آهي.

نيب موقف اختيار ڪيو ته مريم نواز چوڌري شگر ملز مني لانڊرنگ الزامن ۾ ضمانت تي آزاد آهي، ضمانت تي آزاد ٿيڻ کانپوءِ هوءَ مسلسل رياستي ادارن تي حملا ڪري رهي آهي، هوءَ رياست مخالف پروپئگنڊا ۾ مصروف آهي.

نيب موجب مريم نواز کي چوڌري شگر ملز ۾ دستاويزن جي طلبي لاءِ 10 جنوري 2020 تي نوٽيس موڪليا ويا هئا، جن تي هن ڪو ڌيان نه ڏنو ۽ نه گهربل رڪارڊ فراهم ڪيو.

نيب پراسيڪيوٽر چيو ته مريم نواز روايتي انداز ۾ جواب موڪليو، مريم نواز کي دستاويز فراهم نه ڪرڻ تي 11 آگسٽ 2020 تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو ويو، هن پنهنجي سياسي طاقت جو استعمال ڪندي نيب آفيس تي حملو ڪرايو.

پراسيڪيوٽر موجب مريم نواز پيش نه ٿي جاچ ۾ رنڊڪ وجهي رهي آهي، هوءَ عوام ۾ تاثر ڏئي رهي آهي ته رياستي ادارا غير فعال ٿي چڪا آهن، اپيل آهي ته مريم نواز جي چوڌري شگر ملز مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت رد ڪئي وڃي ۽ درخواست جي حتمي فيصلي تائين ضمانت جو حڪم معطل ڪيو وڃي.

عدالت نيب طرفان مريم نواز جي جواب جو جائزو وٺڻ لاءِ مهلت طلب ڪرڻ جي اپيل منظور ڪندي ٻڌڻي 28 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.