کپرو: قتل ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ ڌمڪيون ڏيڻ خلاف رونجهو برادري جواحتجاج

کپرو ۾ سال اڳ پوليس پاران پوليس مقابلي ۾ قتل ڪيل علي حيدر رونجهو جي ننڍي ڀاء اصغر علي رونجهو کي گلاب راء اغوا ڪيس ۾ جوابدار طور نامزد ذوالفقار سمون ۽ ان جي ڀاء انور سمون پاران مارڪٽ ڪري ڪيس جي شنوائي تي اچڻ جي صورت ۾ نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ خلاف علي حيدر رونجهو جي وارثن ۽ ايس ٽي پي کپرو پاران اويس رونجهو، اصغر رونجهو، نظر رونجهو جي اڳواڻي احتجاج ڪري پريس ڪانفرنس ڪئي ويئي.ان موقعي تي شهيد علي حيدر رونجهو جي ننڍي ڀاء اصغر رونجهو، نظر رونجهو، ايس،ٽي ،پي اڳواڻ اويس رونجهو جو چوڻ هو ته ذوالفقار سمون، انور سمون ٻن ڄڻن سان گڏجي ڪاري موري تي اصغر رونجهو کي مارڪٽ ڪري ڌمڪيون ڏنيون ، هنن چيو ته انهن جو پوليس تي اعتماد ناهي ان ڪري پوليس وٽ نـ وينداسين، هنن سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته انهن جي خاندان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو

رپورٽ_ عبدالرزاق راجپوت

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.