وزيراعظم ۽ آرمي چيف سان روسي پرڏيهي وزير جون ملاقاتون

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جو دورو ڪندڙ روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف وزيراعظم عمران خان ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون.

روسي پرڏيهي وزير وزراعظم سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪ روس ٻه طرفن لاڳاپن ۽ علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

وزيراعظم روس کي اسپوٽنگ ويڪسين ٺاهڻ تي مبارڪون پيش ڪيون ۽ ان جي خريداري ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي.

وزيراعظم روسي صدر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني، جڏهن ته ٻنهي اڳواڻن ڪشمير تڪرار جي پرامن حل جي ضرورت تي زور ڏنو.

روسي پرڏيهي وزير جي ايڇ ڪيو ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان پڻ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ خطي ۾ امن امان جي صورتحال، افغان تڪرار جي پرامن حل ۽ گڏيل دفاعي سهڪار وڌائڻ تي گفتگو ٿي.

ان موقعي تي آرمي چيف چيو ته پاڪستان روس سان لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ ٻه طرفي فوجي سهڪار ۾ واڌ جو خواهشمند آهي، پاڪستان اهڙن سڀني قدمن جي آجيان ڪري ٿو، جيڪي افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام آڻي سگهن ٿا، ڇو ته ان سان سڄي خطي کي فائدو ٿيندو، اسان خود مختياري، برابري ۽ گڏيل ترقي تي ٻڌل هڪ علائقائي فريم ورڪ جي رستي تي ڪم ڪندا رهنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.