اڳوڻي ڊي جي ايل ڊي اي احد چيما جي ضمانت جي درخواست منظور

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ اڳوڻي ڊي جي ايل ڊي اي احد چيما جي ضمانت جي درخواست منظور ڪري ورتي.

عدالت احد چيما جي آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي ڪيس ۾ ضمانت جي درخواست منظور ڪندي ڪيس جو اڳ کان محفوظ فيصلو ٻڌايو.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سردار سرفراز ڊوگر ۽ جسٽس اسجد جاويد فيصلو ٻڌايو.

ٻه رڪني بئنچ 10، 10 لک رپين جي ٻن مچلڪن عيوض احد چيما جي آزادي جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

واضح رهي ته ان کان اڳ نيب به ايل ڊي اي سٽي ڪيس ۾ احد چيما خلاف جاچ بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي چڪو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.