فيفا پاڪستان جي رڪنيت معطل ڪري ڇڏي

 

زيورخ (ويب ڊيسڪ) فٽبال جي عالمي تنظيم فيفا پاڪستان جي رڪنيت معطل ڪري ڇڏي.

فيفا طرفان پاڪستان فٽبال فيڊريشن (پي ايف ايف) جي معاملن ۾ ٻاهرين مداخلت تي پاڪستان جي رڪنيت معطل ڪئي وئي.

پاڪستان فٽبال فيڊريشن جي معطلي سبب پي ايف ايف هيڊ ڪوارٽرز تي قبضو بڻيو ۽ پاڪستان فٽبال فيڊريشن نارملائيزيشن ڪميٽي کي اختيارن جي واپسي تائين پاڪستان جي رڪنيت معطل رهندي.

واضح رهي ته فيفا پي ايف ايف جي معاملن ۾ ٻاهرين مداخلت تي پاڪستان کي رڪنيت معطل ڪرڻ جي وارننگ به ڏني هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.