جهانگير ۽ علي ترين جي عبوري ضمانت ۾ واڌ

لاهور (ويب ڊيسڪ) بئنڪنگ ڪورٽ پي ٽي آءِ اڳواڻ جهانگير ترين ۽ سندس پٽ علي ترين جي عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي.

لاهور جي بئنڪنگ ڪورٽ ۾ جهانگير ترين ۽ علي ترين خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ ٻئي عدالت ۾ پيش ٿيا پر بئنڪنگ ڪورٽ جي جج جي غير موجودگي سبب ٻڌڻي 10 اپريل تائين ملتوي ڪئي وئي.

عدالت جي ڊيوٽي جج جهانگير ۽ علي ترين جي عبوري ضمانت ۾ 10 اپريل تائين واڌ ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.