ن ليگ کي ڊسڪا ۾ ريلي ڪڍڻ کان روڪيو ويو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن ضمني چونڊ جي سلسلي ۾ ن ليگ کي ڊسڪا ۾ ريلي ڪڍڻ کان روڪي ڇڏيو.

پنجاب مان قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 75 ڊسڪا ۾ ضمني چونڊ لاءِ ري پولنگ 10 اپريل تي ٿيندي، جنهن جون تياريون جاري آهن.

اين اي 75 ۾ اليڪشن لاءِ ن ليگ ڊسڪا ۾ ريلي ڪڍڻ جو پروگرام ٺاهيو هو پر اليڪشن ڪميشن ن ليگ کي ريلي ڪڍڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.

اليڪشن ڪميشن ان سلسلي ۾ ڊي پي او سيالڪوٽ کي خط لکيو ته ن ليگ يوٿ ونگ اڄ 4 وڳي موٽر سائيڪل ريلي ڪڍڻ جو اعلان ڪيو آهي پر اليڪشن ڪميشن جي ضابطن موجب ريلي ڪڍڻ جي اجازت ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.