ٺل ۾ بدامني، موٽر سائيڪل ڦر، پوليس خاموش

ٺل ( ن ع آ )  ٺل ۾ هڪ دفعو ٻيهر بدامني وڌي وئي آهي،ڪالهه نامعلوم جوابدارن پاران اي سيڪشن ٿاڻي جي حد نور محمد ڀٽي محلا وٽان خان محمد منگي کان هٿيارن جي زور تي موٽر سائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا، وڌندڙ بدامني تي پوليس انتظاميه خاموش بڻيل آهي،ٻئي طرف ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جي حڪم تي ايس ايس پي جيڪب آباد شمائل رياض ملڪ پاران ٺل ۾ اڄ کليل ڪچهري ڪئي ويندي،ٺل جي اي سيڪشن ٿاڻي تي ايس ايس پي جيڪب آباد پاران کليل ڪچهري ڪندي عوام جا مسئلا ٻڌي حل ڪيا ويندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.