ڪنري ڀرسان ڀاءُ ڪھاڙيون هڻي ڀيڻ مرڻينگ ڪري ڇڏي

ڪنري (ت ر) ڪنري ڀرسان جوابدار ڀاءُ ڪھاڙيون سان حملو ڪري ڀيڻ کي سخت مرڻينگ ڪري ڇڏيو. حيدرآباد منتقل، ڪيس داخل نه ٿيو. تفصيل موجب ڪنري ڀرسان باراني جي ڳوٺ دين محمد خاصخيلي ۾ جوابدار لياقت ولد ڪنڊو خاصخيلي گھرو تڪرار تان سندس ڀيڻ زينت زال عرس خاصخيلي تي ڪھاڙين سان حملو ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو. جوابدار ڪھاڙين جا وار ڪري سخت مرڻينگ ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو. عورت کي تعلقي اسپتال ڪنري آندو ويو. جتان ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو. واقعي جو ڪارڻ گھرو تڪرار ٻڌايو پيو وڃي. آخري اطلاعن تائين ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگھيو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگھي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.