تنگواڻي ۾ ڀتي خورن خلاف احتجاج

تنگواڻي(رپورٽ: مھتاب ملڪ) جمال پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ ولي محمد ملڪ ۾ ملڪ برادري جي گھرن مٿان  هٿياربندن جي  ڀتي لاءِ حملو ۾ عورتن مٿان تشدد ۽ فائرنگ واقعي خلاف ڳوٺاڻن يارمحمد ملڪ،حاجي خميسو ملڪ،بشير احمد ملڪ،غلام سرور ملڪ،احمد ۽ ٻارڙن احتجاج ڪندي چيو ته گُذريل هڪ ڏينھن کان جوابدار صدام چولياڻي،اڪبر،شبير، شھزادو، عابد چولياڻي ۽ ٻيا 10 لک ڀتي لاءِ تنگ ڪندا رهيا، پوليس کي بار بار اطلاع باوجود پوليس ڪو تحرڪ نه ورتو،هنن چيو ته جوابدار ڌر ڏوهاري صفت آهن، ڪلاڪن جا ڪلاڪ  فائرنگ ڪن ٿا ڏينھن ڏٺي جو پڻ فائرنگ ڪري حراس پکيڙي گهرن ۾ معصوم ٻارڙن کي ڪيهاٽ پئجي ٿو وڃي هنن گُهر ڪئي ته جوابدارن کي گرفتار ڪري تحفظ ڏنو وڃي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.