موسميات کاتي ڪراچي جي موسم بابت اهم اڳڪٿي ڪري ڇڏي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ايندڙ 5 ڏينهن تائين شهر ۾ گرم ۽ خشڪ موسم جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.

موسمياتي کاتي جي ارلي وارننگ سينٽر طرفان جاري ايڊوائزري موجب اربع ۽ آچ جي وچ ۾ گرمي پد ۾ واڌ جا امڪان آهن، هوائنجي تبديلي گرمي جو سبب بڻجندي، جنهن دوران شهر ۾ بلوچستان جون اُتر اوڀري هوائون هلنديون پر شام جي وقدت سمنڊ جون بند هوائون بحال جي توقع آهي.

موسميات کاتي جي ترجمان سردار سرفراز موجب 5 ڏينهن گرمي جي لهر دوران شروعاتي طور تي 36 کان 38 جڏهن ته بعد ۾ ڪنهن ڏينهن 39 ڊگري تائين به گرمي پد وڌي سگهي ٿو.

سندس چوڻ هو ته گرمي جي لهر دوران هيٽ ويو جو ڪو به امڪان ناهي ڇو ته سامونڊي هوائون مختصر وقت جي لاءِ متاثر يا بند ٿي سگهن ٿيون، اڱاري جي ڏينهن (اڄ) شهر ۾ معمول کان تيز سامونڊي هوائون هليون جنهن جي رفتار 30 ڪلو ميٽ في ڪلاڪ ريڪارڊ ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.