جهانگير ترين پي ٽي آءِ ڇڏي پ پ ۾ شامل ٿي سگهي ٿو: شهلا رضا جي دعويٰ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ شهلا رضا دعويٰ ڪئي آهي ته جهانگير ترين پي ٽي آءِ ڇڏي پ پ ۾ شامل ٿي سگهي ٿو.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ شهلا رضا جو چوڻ هو ته جهانگير ترين مخدوم احمد محمود سان ملاقات ڪئي آهي ۽ ايندڙ هفتي ڪراچي ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪندو.

هن وڌيڪ چيو ته خيال آهي ته جهانگير ترين ان ملاقات ۾ پي ٽي آءِ ڇڏڻ ۽ ساٿين سميت پ پ ۾ شموليت اختيار ڪندو، جيڪڏهن واقعي ائين ٿيو ته نه بوزدار رهندو ۽ نه ئي نيازي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.