ايف آءِ اي جهانير ترين ۽ علي ترين کي ٻيهر طلب ڪري ورتو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ايف آءِ اي جهانگير ترين ۽ علي ترين کي هڪ ڀيرو ٻيهر 9 اپريل تي طلب ڪري ورتو.

فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي (ايف آءِ اي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي 2 ۽ هن جي پٽ علي ترين کي هڪ ڪيس جي جاچ لاءِ طلب ڪرڻ لاءِ نوٽيس موڪليو آهي. ايف آءِ اي علي ترين کي 5 سوالن جا جوابن گڏ آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي.

ايف آءِ اي نوتيس موجب علي ترين پيءُ سان گڏجي شيئر هولڊرز سان فراڊ ڪيو، توهان ڪمند جي واپار کي پاڻمرادو طئي ڪيل اگهه 4.85 ارب رپين ۾ کپايو، ان ٽرانزيڪشن سان توهان جي خاندان کي شيئر هولڊر جي قيمت تي فائدو ٿيو.

ايف آءِ اي نوٽيس ۾ وڌيڪ پڇيو ته ڪمند جو واپار وڪرو ڪرڻ جي قيمت 4.365 ارب رپيا ڪيئن لڳي، دستاويز ڏيو، جي ڪي ايف ايس ايل 4.35 ارب رپيا ڪٿا استعمال مني ٽريل ڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.