”پ پ سان ڪو اتحاد ناهي، هو سيڪيولر ۽ اسان اسلامي نظام ٿا چاهيون“

حيدرآباد(ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير سراج الحق چيو آهي ته پيپلز پارٽي سان اسان جو ڪو به اتحاد ناهي.

حيدرآباد ۾ تعزيتي اجتماع کي خطاب ۾ سراج الحق جو چوڻ هو ته خادم حسين سولنگي بنا فرق ج قوم جي خدمت ڪئي آهي، الله جڏهن ڪنهن قوم سان راضي ٿيندو آهي ته سٺا اڳواڻ نوازيندو آهي، الله جڏهن ناراض ٿيندو آهي ته خراب ۽ بدڪردار اڳواڻن کي نوازيندو آهي، اِهو ئي سبب آهي جو اڄ هر جاءِ تي ظالم اڳواڻ آهن.

سراج الحق جو چوڻ هو ته پنهنجي ادارن کي آءِ ايم ايف جي حوالي ڪرڻ افسوس جوڳو آهي، اسان اسٽيٽ بينڪ ڪنهن حالت ۾ آءِ ايم ايف کي نه ڏينداسين.

سندس چوڻ هو ته ڪڏهن مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي هڪ اسٽيج تي اچي ڀاءُ ڀيڻ ٿا بڻجن، هي پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ گڏ ٿيندا آهن قوم لاءِ نه.

جماعت اسلامي جي امير جو وڌيڪ چوڻ هو ته پيپلز پارٽي سان اسان ڪو به اتحاد ناهي، پيپلز پارٽي سيڪيولر ۽ اسان اسلامي نظام چاهيون ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.