صلاحڪارن ۽ مددگارن کي وزيرن جا عهدا ڏيڻ تي سنڌ حڪومت کي جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽ: ماريا اسماعيل) سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبي ۾ صلاحڪارن ۽ مددگارن کي وزيرن جا عهدا ڏيڻ خلاف درخواست تي سنڌ حڪومت کي مهلت ڏيندي هر صورت ۾ جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ صوبي ۾ صلاحڪارن ۽ خاص مددگارن کي وزيرن جا عهدا ڏيڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ان موقعي تي درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته صلاحڪار، خاص مددگار ۽ ڪوآرڊينيٽر ڪابينا اجلاس ۾ شرڪت ڪندا آهن، جيڪا قانون جي ڀڃڪڙي آهي، صلاحڪارن جي مقرري سان قومي ناڻي کي اربين رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي.

عدالت سنڌ حڪومت کي جواب جمع ڪرائڻ لاءِ 3 هفتن جي مهلت ڏني ۽ ايندڙ ٻڌڻي تي هر صورت ۾ جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.