سيوهڻ ۾ خوفناڪ روڊ حادثو، عورت ۽ ٻار سميت 4 فوت

 

سيوھڻ (ويب ڊيسڪ) سيوهڻ ۾ خوفناڪ روڊ حادثي ۾ عورت ۽ ٻار سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا.

حادثو ڳوٺ شھپات رند وٽ يوسي جهانگارا جي لنڪ روڊ تي پيش آيو، جتي ڪار ۽ ٽرڪ ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو.

فوتين ۾ ڪار جو ڊرائيور 27 ورھين جو مسعود عرف ڊبو چانڊيو، 45 ورھين جو سائين بخش باريچو، 35 ورھين جي مسمات عائزا زال غلام حيدر چانڊيو ۽ ٻن ورھين جو سندس پٽ آذان چانڊيو شامل آهن، جيڪي سڀ يوسي جهانگارا جا رهواسي هئا.

حادثي کانپوءِ فوتين جا مڙهه اسپتال نيا ويا ۽ ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيا ويا، جيڪي ڳوٺ پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.

هوڏانهن سيوھڻ پوليس جو چوڻ هو ته ٽرڪ جو ڊرائيور حادثي کانپوءِ فرار ٿي ويو، جڏهن ته ٽرڪ کي تحويل ۾ ورتو ويو آهي ۽ حادثي جي شروعاتي رپورٽ داخل ڪئي وئي آھي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.