پاڪستان خلاف فيصلائتي ون ڊي ميچ کان اڳ ڏکڻ آفريقي ٽيم وڏن رانديگرن کان محروم

 

سنچورين (ويب ڊيسڪ) پاڪستان خلاف ٽين ۽ فيصلائتي ون ڊي ميچ کان اڳ ڏکڻ آفريقي ٽيم وڏن رانديگرن کان محروم ٿي وئي.

رپورٽن موجب وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين ڪوئنٽن ڊي ڪوڪ، ڊيوڊ ملر، ڪگيسو ربادا، لنگي اينگڊي، اينرچ نورجي پاڪستان خلاف ٽين ون ڊي ميچ نه کيڏي سگهندا.

ڄاڻايل ڏکڻ آفريقي ڪرڪيٽر نيشنل ڊيوٽي ڇڏي انڊين پريميئر ليگ کيڏڻ لاءِ ڀارت روانا ٿي ويا آهن.

ڏکڻ آفريقا جي اسٽار رانديگرن جي غير موجودگي ۾ پاڪستان وٽ سيريز کٽڻ جو بهترين موقعو آهي.

واضح رهي ته پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا وچ ۾ 3 ميچن جي سيريز 1-1 تان برابر آهي ۽ ٻنهي ٽيمن ۾ فيصلائتي ميچ 7 اپريل تي کيڏي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.