ميچ آفيشلز فخر زمان جي رن آئوٽ جي معاملي تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

 

دبئي (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريقا خلاف ٻي ون ڊي ميچ دوران فخر زمان جي رن آئوٽ جي معاملي تي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ڪوئنٽن ڊي ڪوڪ کي ڪلين چٽ ڏئي ڇڏي.

ميڊيا رپورٽن موجب آءِ سي سي ميچ آفيشلز رن آئوٽ جي ويڊيو ڏسي فيصلو ڪيو آهي ته ڪوئنٽن ڊي ڪوڪ ڪنهن به قانون جي ڀڃڪڙي نه ڪئي.

ميچ آفيشلز طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڊي ڪوڪ فيلڊر کي نان اسٽرائيڪ اينڊ تي بال اڇلائڻ جو اشارو ڪيو هو.

واضح رهي ته ٻي ون ڊي ميچ دوران فخر زمان ڏکڻ آفريقا خلاف آخري اوور جي پهرين بال تي ان وقت رن آئوٽ ٿي ويو هو، جڏهن پاڪستان کي 6 بالن تي 31 رنسن جي ضرورت هئي.

فخر زمان ۽ حارث رئوف ٻي رنس مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ته وڪيٽ ڪيپر ڊي ڪوڪ بالر واري پاسي ڏانهن اشارو ڪيو، فخر زمان پنهنجي ڪريز ۾ پهچڻ وارو هو پر ڊي ڪوڪ جو اشارو ڏسي هو آهستي ٿي ويو ۽ فيلڊر طرفان وڪيٽ ڪيپر ڏانهن اڇلايل بال سڌو وڪيٽن ۾ وڃي لڳو.

فخر زمان 193 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي رن آئوٽ ٿي ويو، جنهن کانپوءِ سوشل ميڊيا تي نه رڳو پاڪستاني پر عالمي ڪرڪيٽرن به ڊي ڪوڪ جي اهڙي عمل تي حيرت جو اظهار ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.