آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ راڻا ثناءُ الله جي ضمانت ڪنفرم

لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ راڻا ثناءُ الله جي آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ عبوري ضمانت جي منظوري ڏني وئي.

عدالت ۾ راڻا ثناءُ الله جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي، وڪيلن جا دليل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ عبوري ضمانت جي منظوري ڏني وئي ۽ 50 لک جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو به حڪم ڏنو ويو.

ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته 2001ع ۾ هي ناظم جي سيٽ نه کٽي سگهيا، جنهن وقت هي سياست ۾ آيا هئا ته هنن وٽ اسڪوٽر، 10 ڪنال زمين ۽ 6 مرلي جو گهر هو.

نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته راڻا ثناءُ الله هڪ ڪمپني بڻائي پر ان مان ڪي به اثاثا نه ٺاهيا، اليڪشن ڪميشن جي آڏو اثاثن جي ماليت گهٽ ظاهر ڪئي، 2012ع کان 2016ع ۾ فيصل آباد ۾ پورو فلو خريديو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.