ڀارت ۾ ڪورونا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا، هڪ ئي ڏينهن لک کان وڌيڪ متاثر

 

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ پهريون ڀيرو هڪ ئي ڏينهن ڪورونا جا هڪ لک کان وڌيڪ نوان ڪيس سامهون آيا آهن.

ڀارتي صحت واري وزارت موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ لک 3 هزار 558 ڪورونا ڪيس رپورٽ ٿيڻ سان گڏ 478 فوتگيون پڻ ٿيون.

ڪورونا جا سڀ کان وڌيڪ ڪيس اولهه رياست مهاراشٽرا ۾ سامهون اچي رهيا آهن، جتي هاڻ اختيارين رات جي وقت ڪرفيو لاڳو ڪري ڇڏيو آهي ۽ اتي 5 يا ان کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏجڻ تي پابندي آهي، جڏهن ته شاپنگ مال، ريسٽورنٽ ۽ بازارون بند رهنديون.

هواڏنهن ڇٽيهه ڳڙهه، ڪرناٽڪ، دهلي، اتر پرديس ۽ پنجاب ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ تيزيءَ سان واڌ ٿي رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.