بنگلاديش ۾ ٻيڙي جهاز سان ٽڪرجي پئي، 26 ڄڻا فوت

 

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش ۾ مسافر ٻيڙي جهاز سان ٽڪرجڻ جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 26 ڄڻا فوت ٿي ويا.

پرڏيهي ميڊيا موجب بنگلاديش جي شيتا لکيا درياهه ۾ 100 کان وڌيڪ مسافرن سان ڀريل ننڍي ٻيڙي هڪ ڪارگو جهاز سان ٽڪرجڻ کانپوءِ اونڌي ٿي پئي.

ميڊيا جو چوڻ آهي ته آچر ڏينهن پيش ايندڙ حادثي ۾ هيل تائين فوتين جو انگ 26 ٿي ويو آهي، 5 لاش گذريل ڏينهن ڪڍيا ويا هئا، جڏهن ته وڌيڪ 21 لاش سومر ڏينهن ڪڍيا ويا.

بنگلاديشي اختيارين حادثي ۾ فوت ٿيندڙن لاءِ 25000 ٽڪا هر هڪ کي معاوضو ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته جاچ لاءِ ڪميٽي به قائم ڪئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.